Sunday , April 28 2024

نائين زيرو ڀرسان پي ٽي آءِ جي پهرين آفيس کوليندڙ آصف هارون قتل

نائين زيرو ڀرسان پي ٽي آءِ جي پهرين آفيس کوليندڙ آصف هارون قتل، آصف هارون ماضي ۾ ڪراچي جو وڏو بُڪي به رهي چڪو، سندس دوست شهر ۾ شيشا ڪيفي به هلائيندا آهن

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ڪيو ايم خلاف سامهون اچي نائين زيرو ويجهو تحريڪ انصاف جي آفيس کولي پي ٽي آءِ کي سرگرم ڪندڙ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، آصف هارون کي گهات لڳائي بيٺل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن عائشا منزل ڀرسان فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد  ڀڄي ويا، عزيزآباد ٿاڻي جي حد عائشا منزل واري علائقي ۾ پي ٽي آءِ ضلعي سينٽرل جي اڳوڻي اڳواڻ آصف هارون چِڪلِي کي مدني مسجد جي گيٽ وٽ فائرنگ ڪري قت ڪرڻ کانپوءِ سندس موت جي پڪ ٿيڻ کانپوءِ ڀڄي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته، آصف هارون چڪي مدني مسجد ۾ عصر جي نماز پڙهي ٻاهر نڪتو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جنهن جي نتيجي ۾ آصف کي مٿي ۾ گولي لڳي، جيڪا سندس موت جو ڪارڻ ب ڻجي وئي. پوليس موجب آصف مدني مسجد ۾ ئي نماز پڙهندو هو، هو عام طور تي پاڻ سان گڏ پسٽل کڻندو هو پر واقعي وقت سندس وٽ هٿيار نه هو. پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان نائين ايم ايم پسٽل جا 2 خول هٿ ڪيا ويا آهن.

آصف هارون عرف چِڪِلي بابت پوليس ذريعن کان خبر پئي آهي ته هُو ڪراچي جو مشهور بُڪي هو، بهادر آباد، ڊفينس، ناظم آباد ۽ ڪلفٽن ۾ سندس ساٿي موجود هوندا هئا، شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو معاملو ذاتي ڏيتي ليتي جو به ٿي سگهي ٿو، اڄڪلهه هُو سياسي طور سرگرم نه هو، ميڊيا رپورٽس مطابق آصف هارون جا ڪجهه دوست شهر جي مختلف علائقن ۾ شيشا ڪيفي به هلائيندا آهن. واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ، گورنر سنڌ ۽ وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي حڪم ڪيو ته فوري طور قاتلن کي گرفتار ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن پڻ واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪئي. وڏي وزيصر مراد علي شاهه آصف هارون جي قتل جو نوٽيس وٺندي  معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رپورٽ طللب ڪري ورتي آهي، وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته آصف هارون چِڪِلي جا قاتل فوري طور تي گرفتار ڪري قتل جا ڪارڻ به معلوم ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *