Friday , April 26 2024

تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچي ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين کي غيرقانوني طور ترسيل بهارين سان ملائي ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي حڪومت جي سنڌين خلاف سازش پڌري ٿي پئي، گهرو وزير سنڌين کي بهارين جي خاني ۾ رکي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ لاءِ غيرقانوني طور ترسيل بهارين جي خاني ۾ رکي ڇڏيو، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته، ڪجهه قوتون ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جي مخالفت ڪري رهيون آهن، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته، ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بهارين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جا مخالف آهن، اُهي ڌريون اهي ئي ڌريون وري ڪراچي ۾ صرف سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهڻ جون مخالف آهن. وفاقي  گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته، اهو معاملو  منهنجي پهچ کان تمام گهڻو مٿي آهي مان ان بابت ڪو به فيصلو نه ٿو ڪري سگهان، هن معاملي تي مختلف اجلاسن دوران ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي. شيخ رشيد اعتراف ڪيو ته ان معاملي تي هُو ته ڪجهه ب ه ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، وزيراعظم عمران ئي فيصلو ڪري سگهي ٿو جيڪو فيصلو وزيراعظم ڪندو ان تي ئي عمل ڪيو ويندو.

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

نادرا چيئرمين بنگالين ۽ برمين سميت ٻين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي،سڄاڻ ڌريون خاموش

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *