Saturday , April 20 2024

وفاقي سرڪاربنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو فيصلوڪري ڇڏيو،پ پ اڳ ئي اعلان ڪري چڪي آهي

اسلام آباد ( سنڌ سماءَ چار نيوز) نون ليگ جي وفاقي حڪومت سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل بنگالين ۽ برمين سميت ٻين ٻين پرڏيهين کي پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم جي نسرين جليل ۽ ن ليگ جي نهال هاشمي سينيٽ ۾ رٿ به پيش ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ پيپلز پارٽي اڳ ۾ ئي بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي.

وفاقي سرڪار پاران ڪراچي ۾ غيرقانوني طور ترسيل بنگالين ۽ برمين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پرڏيهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ لاءِ سنڌ جي گورنر محمد زبير ان معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهايو آهي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي هدايتن تي وفاقي حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. سينيٽ اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نسرين جليل ۽ ن ليگ جي نهال هاشمي طرفان  ڪراچي جي بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ رٿ پيش ڪري ڇڏي آهي. نسرين جليل ۽ نهال هاشمي پاران پيش ڪيل رٿ تي پاليسي بيان ڏيندي مملڪتي وزير طلال چوڌري طلال چوڌري چيو ته ڪراچي ۾ رهندڙ بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ انتهائي اهم معاملو آهي.

مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ جي گورنر محمد زبير بنگالين، برمين ۽ ٻين غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي تي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ڪري کيس اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. بنگالين، برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي جنهن لاءِ جلد ئي قانوني مسودو تيار ڪيو ويندو. طلال چوڌري جو چوڻ هو ته بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ شهريت واري ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي.

ان کان پهريان ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر ۽ صوبائي وزير نثار کهڙو، ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ ڊاڪٽر عاصم حسين، وقار مهدي ۽ ٻين اڳواڻ به اعلان ڪيو هو ته، بنگالين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيارڻ لاءِ پ پ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.

لاڳا پيل نيوز جي لنڪ

www.sindhsamaachar.com/2017/08/01/%D9%BE%D9%

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *