Saturday , May 21 2022
uren

سنڌ جي ثقافتي سگھ ۽ ”تاريخ“ ٿي ويل شاندار طرزِ حڪمراني – انعام شيخ

Inam Sheikhانعام شيخ

گذريل هڪ هزار سالن ۾ سنڌين نه وڏيون سلطنتون جوڙيون، نه سائنسي ايجادون يا ڪي کوجنائون ڪيون ۽ نه وڏا ڪي معرڪا کٽيا آهن. هڪ عرصي کان سنڌ جو تعارف ناخوش ۽ ڏکوئيل ماٿريءَ وارو رهندو رهيو آهي. سنڌ جي تاريخي سيربين منجهان زميني حقيقتن تي نظر وجهندي محسوس ٿيندو ته گذريل هڪ هزار سالن ۾ سنڌ ڪجهه وقت لاءِ سٺيون حڪومتون، سٺي انتظام ڪاري ۽ معقول قيادت ڏٺي، پر سڀني کان اهم پهلو جنهن سنڌ جي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ دنيا ۾ اهميت ماڻي، اها آهي سنڌ جي ثقافت، تهذيبي ورثو ۽ لوڪ ڏاهپ. هڪ وڏي عرصي کان سنڌ ڌارين جي حملن پنهنجن جي بيوفائين ۽ مقامي توڙي پرڏيهي حاڪمن جي ڏاڍ ۽ عذاب ۾ قيد رهي آهي ۽ ان ڪئين ڏکيا دور ڏٺا آهن. پر سندس ڪُل پاڇي در حقيقت سڀيتا، ان جو متاثر ڪندڙ سماجي ماحول، ريتون رسمون، ادب، لوڪ ڏاهپ ۽ زندگيءَ جا ٻيا نفيس ۽ موهيندڙ شعبا آهن، جيڪي گذريل وڏي وقت کان نه رڳو اسان جي سڄي دنيا ۾ سڃاڻپ بڻيل آهن، پر ان سان گڏوگڏ اهي ثقافتي رنگ اسان جي وجود ۽ بقا جو به مک ۽ شايد اڪيلو محرڪ آهن.

سنڌ جي ثقافت قومي حوالي سان هڪ اهڙو وکر ۽ ورثو آهي، جنهن سان اسان سڄي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي متعارف ڪندا رهيا آهيون. ان ثقافتي سگهه ۽ ورثي اسان کي نه رڳو ڏکين دورن ۾ جيئڻ جي لاءِ اتساهيو، پر گڏوگڏ ڪيترن ئي مصيبتن کان به ڇوٽڪارو ڏياريو. آرين کان به اڳ سنڌ  ۾ ڪئين ڌاريا حڪمران آيا، جن ظلم ۽ جبر جي نشاني بڻجي، سنڌين جي مٿان تلوار جي زور تي حاڪميت ڪئي، لُٽيو، ڦريو ۽ وسيلن تي قبضو ڪري ۽ سنڌي قوم کي غلاميءَ ۾ مبتلا ڪيو. پر وقت گذرندي ئي سنڌي ثقافت جي ٻلَ ۽ سگهه انهن سڀني حملي آورن کي هتان جي تهذيبي کاڻ جي لوڻ ۾ ملائي لوڻ ڪندي، منجهانئن حڪمرانيءَ جو ڏنگ ۽ جبري رويو ڪڍي کين عام سنڌيءَ سان ملائي ان جهڙو ڪري ڇڏيو. هن ڀونءِ تي يوناني، عرب، فرنگي، ترخان، مغل ۽ ان کانپوءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جون نيم مقامي حڪومتون ۽ انگريز آيا، سنڌي انهن مان گهڻي قدر ڪنهن جو به وار ونگو نه ڪري سگهيا، ڪنهن کي به فوجي قوت يا سياسي حڪمت عملين جي بنياد تي  شڪست ڏيئي، انهن کان وطن آجو نه ڪرائي سگهيا. البت سڀيتائي سگهه ذريعي سنڌ انهن والار پسند بيشمار قومن، قبيلن، ذاتين کي سنڌي ثقافت جي ذريعي پنهنجي وجود جو حصو بڻائي ڇڏيو. سنڌي ثقافت جي خوبصورتي به گهڻ رُخي آهي. ان خوبصورتي ۾ بيشمار ثقافتي، سماجي، نسلي ۽ قبيلائي رنگن گڏجي کيس هڪڙي رنگ برنگي انڊلٺ بڻائي ڇڏيو ۽ هر دور ۾ انهيءَ سگهه جي بنياد تي پنهنجي وجود کي قائم ۽ دائم رکيو. مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي سومرا حاڪمن جو دور به ان قسم جي روشن تهذيبي دورن مان هڪ آهي. اهو دور، جيڪو پنهنجي لوڪ داستانن جي ڪري سنڌ جو ”رومانوي دور“ ٿو سڏجي ۽ رزميه گيتن جي ذريعي ”مزاحمتي دور“ ۽ مقامي حاڪمن جي ڀلي حڪمرانيءَ جي ڪري ”سُونهري دور“ ٿو سڏجي، سو سنڌ جي لکيل تاريخ ۾ سول انتظام هيٺ هلندڙ، شايد نه پر پڪ سان ڊگهي ۾ ڊگهو دور آهي. جيڪو مختلف روايتن ۽ حقيقتن موجب يارهين صديءَ جي منڍ کان شروع ٿي، تيرهين يا چوڏهين صديءَ جي آخر تائين پکڙيل آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته اڍائي کان ٽي سئو سالن تائين جو اهو مُدو سومرا حاڪمن ۽ سنڌ جي حوالي سان هڪ يادگار حڪمراني آهي، جنهن ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان ڏور، ڳاهه، ڳيچ، ڳايا، داستان، ناٽڪ منڊليون، رزميه داستانن جا سلسلا ۽ موسيقيءَ جا رنگ نه رڳو واضح ۽ چٽا آهن، پر انهن رنگن جو سنڌي سماج تي زبردست اثر به نظر ٿو اچي. مختلف چارڻن، منگتن، مڱڻهارن، ڀانن ۽ ڀٽن پنهنجي لازوال ڏات سان، جيڪي سنڌ جي سينڌ ۾ رنگ ڀريا، اهي اڄ ڏينهن تائين اسان جي تاريخ جو هڪڙو روشن حصو آهن. ڀاڳو ڀانَ کان وٺي سُمنگ چارڻ تائين، چنڊ فقير کان وٺي ڀيرو منگتي ۽ لاڏو ڀاڳ تائين، فن ۽ آرٽ جي هڪ وسيع دنيا ۽ ڪهڪشان آهي، جيڪا اسان جي سوچ جي دائرن ۾ گهڙي هڪڙي حسين ۽ باوقار سنڌ جا تصور اجاڳر ڪري ٿي. انهن تصورن ۾ ڪٿي سُرندي جون نفيس ڌنون آهن، ڪٿي بادشاهن جا دل آويز قصا ۽ مڌر عشقيه داستان آهن، ڪٿي جنگي نعرن ۽ گيتن جي گونجار آهي، ته ڪٿي رسمن، ريتن، شادين، مرادين، خوشين ۽ چهچٽن جا چؤٻول آهن. اهو سومرن جو ئي دور آهي، جنهن ۾ ليلا چنيسر، عمر ماروي، مومل راڻو، سسئي پنهون، سهڻي ميهار، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ دودي چنيسر سميت بيشمار داستانن نه رڳو انساني لاڳاپن ۾ نيون جدتون ۽ نُدرتون پيدا ڪيون ۽ احساساتي دنيا ۾ شاندار قسم جي ڪيفيتن کي جنم ڏنو، پر انساني ڪردار، وقار ۽ روين ۾ عظمتن جا نوان معيار به پيدا ڪيا. اهي داستان، جن کي آخر ۾ اسان جي پياري لطيف پنهنجي امر ڪلا سان بيان ڪندي، سنڌي ٻوليءَ کي قيامت تائين محفوظ ڪري ورتو. اهي داستان، شاعري، علمي ۽ ادبي ڪارناما ٻاهر ڪڍجن ته شايد سنڌ جي سڄي سماجي زندگيءَ جي تاريخ ٻُسي ۽ بي چَسي ٿي پوي.

اهو سومرن جو دور ئي هو، جنهن انتظام ڪاريءَ جي شاندار ۽ وڻندڙ نمونن طور سنڌ کي موثر انتظامي ۽ پئنچائتي سرشتا ڏنا. اهو ئي دور هئو جنهن ۾ سنڌ نه رڳو ادب ۾ وڏا نالا ڏٺا ۽ وڏيون ڳالهيون ٻڌيون، پر حڪومتي ڪاروهنوار ۾ به هڪڙي شاندار قسم جي ترتيب ۽ سونهن ڏٺي. سومرن جي دور تي توهان نظر وجهو، هڪ پاسي هنن تقريبن ٻه اڍائي سئو سال عرب حڪمراني جا اثر ختم ڪري، سماج کي نج سنڌي حڪمرانيءَ جي طرف لاڙيو، ٻئي طرف عربن ۽ سنڌين جي گڏيل نسل مان پيدا ٿيل هبارين جي حڪمرانيءَ کانپوءِ پوءِ پيدا ٿيل سياسي خال کي نج سنڌي اقتدار ذريعي ڀريو. پرمار راجپوتن جي نُک مان پيدا ٿيل سومرن، عرب نسل سان پنهنجا رشتا ناتا جوڙي، نه رڳو سيبتائيءَ سان سنڌ جي اقتدار کي مڪاني هٿن ۾ منتقل ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ عرب ۽ هباري دور جي ثقافتي رنگن روپن کي نسلي ميلاپ ذريعي گڏ ڪري، نسلي طور متحرڪ ۽ منور سنڌ جو تصور پيدا ڪيو. خفيف سومري کان وٺي حمير سومري تائين اڍائي ٽن سؤ سال تائين، سومرا حاڪمن نه رڳو سنڌ کي هڪڙي مضبوط ۽ سگهاري مرڪزي حڪومت ڏني، پر سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل علائقن کي گڏ ڪري کيس سياسي ۽ جاگرافيائي وحدت به بخشي، جنهن ڪري سنڌ جون حدون اُچ کان وٺي راجسٿان، بلوچستان جي علائقن کان وٺي عربي سمنڊ ۽ ڪڇ تائين ڦهلجي ويون. ان حڪمراني ۾ علاءُ الدين خلجي سان جنگ به هئي، معيشيت جي بحالي، محصول جي اوڳاڙي ۽ ڪاروبار کي ڦهلائڻ جي حوالي سان هڪڙو ڪردار به هئو. انهيءَ سومرا حڪمراني ۾ پاڙيسري حڪومتن سان تمام سٺا سفارتي تعلقات رکڻ جي تڙپ به هئي، ته گڏوگڏ مڪاني آبادي کي زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جي تمام وڏي جستجو به نظر ٿي اچي. ان حڪمرانيءَ ۾ نه رڳو هندو، جين، ٻڌ ۽ ٻين اقليتن سان تعلقات کي بهتر بڻايو ويو، پر گڏوگڏ انهن اقليتن کي حڪومتي ڪاروهنوار ۾ به تمام وڏو حصو ڏنو ويو. بلڪه هندو آبادي سان شادين، مرادين جي تعلق کان وٺي نالا رکڻ تائين به سومرن هڪڙو گهڻ رخي ۽ ڪشاده دل سنڌي سماج جو تصور ڏنو. جنهن ۾ هڪ ئي سومرا حڪمران جو هڪ نالو راجپوتي ۽ هندو ڏانءَ جو ته ٻيو مسلمانڪو نالو به هئو. انهيءَ کان علاوه هن دور ۾ خاص طور تي عورتن کي مليل سماجي ڪردار، عجب جي حد تائين متاثر ڪندڙ هئو. دودي ٻئي جي موت کانپوءِ سومرن جو بادشاهه سنگهار اڃا ننڍڙو هئو ته سندس ڀيڻ زينب عرف ”تاري“ ٽي سال سنڌ تي شاندار حڪمراني ڪئي. ڀاءُ کي اقتدار حوالي ڪرڻ کان اڳ واري عبوري دور ۾، ملڪه زينب عرف ”تاري“ جو هڪ حاڪمه طور ادا ڪيل ڪردار ڪڏهن به وسارڻ جوڳو ڪونهي. هونئن به مجموعي طرح ان سماج ۾ مرد- عورت ۾ متڀيد جو تصور ئي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. لوڪ داستانن ۾ راڻو مومل کي مرداڻي ويس ۾ ڪنهن ڪردار سان ستل ڏسي، لٺ رکي هليو ٿو وڃي، موکي عورت هوندي، پنهنجو مئه جو ڪاروبار جاري رکي سگهي ٿي، سسئي پنهنجي ڀتار جي پٺيان جهر جهنگ لتاڙي سگهي ٿي، عمر مارويءَ جي رضامندي کانسواءِ پنهنجو فيصلو نه ٿو مڙهي، سهڻي پنهنجي نڪاح ٻڌل مڙس کي ڇڏي، محبوب لاءِ گهر ڇڏي سگهي ٿي. سورٺ راءِ ڏياج جي قصي ۾ هڪ عورت پنهنجي محبوب لاءِ جان ڏئي سگهي ٿي. پر هڪ عجيب قصو آهي ليلا چنيسر جو- جنهن ۾ چنيسر جي گهر واري پنهنجي مرضيءَ سان  مڙس کي وڪڻي به سگهي ٿي. جيڪا تڏهوڪي سنڌي سماج ۾عورت جي ڪردار ۽ مقام جي حوالي سان تمام منفرد ڳالهه آهي. ساڳئي وقت شهزادي ٻاگهي عُرف بلقيس دنيا جي تاريخ ۾ شايد واحد عورت ڪردار آهي، جنهن جي عزت بچائڻ جي لاءِ ڪنهن رياست ٻي رياست خلاف جنگ جوٽي هُجي. تاريخ ۾ فقط ”هيلن آف ٽراءِ“ جو هڪ اهڙو ڪردار ملي ٿو، جنهن جي ڪري ٻن يوناني رياستن وچ ۾ جنگ ٿي، پر اهو به اڪثر محققن جي نظر ۾ حقيقي نه، پر هڪ ڏندڪٿائي ڪردار آهي. جڏهن ته ٻاگهيءَ جو سچو ۽ حقيقتن تي ٻڌل قصو آهي. ان اوائلي سنڌي سماج ۾هڪ جنگ سندس ڀاءُ دودي سُومري وڙهي ته ٻي جنگ دودي جي پڳ مٽُ يار سمي ابڙي وڙهي. جنهن کي خراج پيش ڪندي هڪ شاعره چيو:

سِرَ سين آهينم سومريون جي سرڻيون ڏيان سي،

سُورج سنئون نه اُڀري، ڌرتي ڌڄ نه ڏئي!

)سُومرن جون سام پيل نينگريون مون وٽ امانت پيل آهن، جي اهي سرڻين جهڙيون ناريون دشمن حوالي ڪريان، ته نه سج سولو اُڀرندو، نه ڌرتي فصل جهليندي). اها شاعري پڙهو ۽ سوچيو ته يورپ ۾ هلندڙ ”اُونداهي دور“ ۾ سنڌي سماج ڪٿي بيٺو آهي؟! آمريڪا جهڙي تعليم يافته معاشري ۾ عورت کي ووٽ جو حق ويهين صديءَ ۾ مليو آهي، پر هڪ هزار سال اڳ سنڌ جي درٻار هڪ عورت کي تخت نشين ڪيو ۽ ان ئي دور ۾ هڪ عورت جي پسند جو خيال ڪندي، سندس بادشاهه ڀاءُ پنهنجي بادشاهي داءَ تي لڳائي ڇڏي. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان ساڳيي دور ۾، سنڌ جي علمي ادبي منظرنامي ۾ به عورتن جو حصو حيرت ڏياريندڙ آهي. شاعره مِرکان شيخڻ بابت ته هر ساڃاهه وند کي تفصيل معلوم آهن، پر هڪ گمنام عورت شاعره ”سالڪه مجذوبه“ پڻ حيرت ڀري حد تائين تخيل ۽ تفڪر جو مظاهرو ڪندي چوي ٿي:

وسين تان وس عالم لڳوئي آسري،

هاڻي ڪيمَ ترس جو مُندون موٽي آئيون!

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *