Thursday , January 21 2021
uren

راڻي ڏيکاري گولو هڻي ويا….!

…راڻي ڏيکاري گولو هڻي ويا  

نثار کوکر

ائين ته هر موڙ تي اوهان کي اهڙا ماڻهو اڪثر ملي ويندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن ماڻهو کي ڪو نه ڪو ڏٽو ڏئي ويندا آهن، پر جڏهن کان مجيب عربستاني جو اهو تڪيه ڪلام ٻڌو اٿم ته، ”سائين همراهه راڻي ڏيکاري، گولو هڻي ويو“ تڏهن کان آسپاس جا ڪيترائي اهڙا ڪردار سامهون اچي ويا آهن، جيڪي مونکي ۽ منهنجي دوستن کي زندگي جي راهن ۾ سدائين ڏٽا ڏئي ڀڄي ويا ۽ اسان کي رڻ ۾ رلائي ويا آهن يا راڻي ڏيکاري گولو هڻي ويا آهن. ڏٽو سنڌي ٻولي جو اهڙو ته خوبصورت لفظ آهي، جنهن ۾ ڏٽا ڏيندڙ جي به عزت برقرار رکيل آهي، نه ته بشني به کيس چئي سگهجي ٿو پر بشني ۽ ڏٽئي ۾ سنهي وار جيترو فرق ضرور آهي. سنڌي ٻولي جيئن ته نئين نسل ۾ گلابي ٿيندي پئي وڃي، تنهنڪري ڏٽي لفظ لاءِ ڪنهن ڊڪشنري سان ضرور رابطو ڪجو ته جيئن اوهان کي ان لفظ جي درست معنيٰ ملي سگهي. مون کي  حياتي ۾ جن ظالمن يا ظالماڻين جا جيڪي ڏٽا مليا، تن جو ذڪر ته بعد ۾ تفصيلي ڪيون ٿا، پر توهان جي موبائيل فونن جي سمورن نيٽ ورڪس تي جيڪي ”صبا ايزي لوڊ واري“ جا ميسيج ٿا اچن، اهي به هڪ قسم جا ڏٽا ئي سمجهو. اوهان مان اڪثر دوستن کي اهي ميسيج ملندا هوندا ته، ”مان صبا آهيان، مون کي ايمرجنسي ۾ پنجاهه يا هڪ سئو رپين جو ايزي لوڊ موڪليو. توهان سان بعد ۾ ڳالهائينديس.“ پر اها صبا ايتري ته ظالم آهي، جو اسان جي هڪ دوست ته پنج سئو روپين جو بيلنس موڪليس، تڏهن به هن ڪو نه ڳالهايس. پنج سئو روپيا بيلنس موڪلڻ کانپوءِ جڏهن اسان جي زميندار دوست ان ”صبا ايزي لوڊ واري“ جي نمبر تي فون ڪئي ته ساڳيو ريڪارڊيڊ ميسيج پئي هليو ته ”مان صبا آهيان، ايمرجنسي ۾ آهيان، توهان سان بعد ۾ ڳالهايان ٿي.“ اهڙي دردناڪ واقعي کانپوءِ اسان جي زميندار دوست ڪنهن گمنام صبا کي پنج سئو روپيا موڪلڻ کان توبهه ڪئي. هاڻي پاڙي جي نوجوان فقيراڻين کي روبرو پنجاهه روپيا ڏيندو آهي ۽ بدلي ۾ اهي فقيراڻيون کيس ڪلهن وارا هٿ هڻي کلي کلي چانهن پي هليون وينديون آهن ۽ هو به خوش گذاريندو آهي.

اها ايزي لوڊ واري صبا ته هاڻي مارڪيٽ ۾ آئي آهي، پر نوي واري ڏهاڪي ۾ اسان جي هڪ بينڪر دوست کي اهڙو ئي ڪو ڏٽئي سکر ۾ ائين ڦري ويو، جو اک نه ڏسي گوڏي کي…ٿيو ائين جو هڪ ڏينهن بظاهر پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار ماڻهو سندس آفيس آيو ۽ سندس جواني يا حسن جي مختصر تعريف ڪرڻ کان پوءِ ساڻس اڪيلي ۾ ڳالهائڻ جي فرمائش ڪيائين. هن به دير ئي نه ڪئي ۽ پنهنجي چيمبر ۾ ان اوپري نوجوان کي سڏائي ورتو. خيال رهي ته ان وقت تائين چيمبر جي اها منفي معنيٰ نه ورتي ويندي هئي، جيڪا امداد پتافي ۽ نصرت سحر عباسي واري جهيڙي ۾  اڄڪلهه ورتي پئي وڃي. چيمبر ۾ اچڻ شرط ان اوپري همراهه بينڪر کي ٻڌايو ته هن جون واقفڪار ڪجهه بينڪر عورتون آهن، جيڪڏهن هو چاهي ته ساڻن ملي سگهي ٿو. اهڙي آفر تي اهو بينڪر ته صفا وٺجي ويو، ڇو ته ان زماني ۾ سکر جهڙي شهر ۾ ورڪنگ وومين تمام گهٽ هونديون هيون. تنهنڪري ماڻهن جي توجهه جو مرڪز ائين رهنديون هيون، جيئن ڊرائيونگ ڪندڙ عورتون ننڍن شهرن ۾ سڀني جي اکين جو مرڪز رهنديون آهن. بينڪر ها ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي ۽ وقت ٻئي ڏينهن لنچ بريڪ جو طئه ٿيو. همراهه پرفيوم وغيره هڻي ان اوپري نوجوان جو شدت سان انتظار ڪرڻ لڳو. ڏنل وقت تي هن اچي کيس سلام ڪيو ۽ آفيس مان گڏجي نڪتا. اڳتي هلي هڪ گهٽي جي موڙ تي ان اوپري نوجوان سامهون کيس هڪ ڪار ڏيکاريندي چيو، ان ڪار ۾ مذڪوره عورت ويٺي آهي پر ڪچهريءَ کان اڳ ٻه هزار وٺندي. سو بينڪر ايڊوانس طور ٻه هزار کيس ڏئي ته هو ان کي ڏئي ايندو. بينڪر جلدي پيسا ڪڍي کيس ڏنا ۽ اهو اوپرو نوجوان سکر جي سوڙهين گهٽين ۾ ائين فرار ٿي ويو، جو وري ڪٿي نظر نه آيس. بينڪر همراهه پگهر وهائيندو واپس اچي آفيس ويٺو.

ڏٽئي ماڻهو مختلف قسمن جا ڪاروبار ڪن ٿا. بلڪل ائين، جيئن تازو مون کي پنهنجي هڪ دوست معرفت مليل همراهه ايل ايم سي ڀرسان پلاٽ جو ڏٽو ڏنو. هن شام جو نرسنگ هاسٽل ڀرسان خالي پيل پلاٽ تي پنهنجي ٺهيل اوطاق ۾ ويهاريندي چيو، ”هيءُ اسان جو سوين سال پراڻو ڳوٺ آهي. ايل ايم سي وارن کان ڪيس به کٽيو اٿم. توهان ڀائر آهيو، جيڪو پلاٽ چوندا، سو ڏيندم. مون به خوشي خوشي کيس پيسا ڏنا ۽ منهنجي دوست کيس پارت ڪندي ڪارنر پلاٽ ڏيڻ جو چيو. هن مون کي پنهنجي پر ۾ اهو ڪارنر پلاٽ ڏنو، جتي هوٽل کولي مسواڙ  تي ڏئي، هاڻي کان ئي سٺ هزار مهينو ڪمايان. هن ڀرسان وارا خالي پلاٽ ڏيکاريندي چيو ته، انهن مان هڪ ڊي سي ڄامشوري جو پلاٽ آهي ۽ ٻيو حيدرآباد جي ڊي آئي جي وارو پلاٽ آهي، جتي مينهنون بيٺل آهن. اهڙين ڳالهين ۾ اچي مون به کين رقم ڏني، جيڪا وري ڪڏهن واپس نه ملي، نه ئي پلاٽ مليو.

پنهنجي دوستن ۽ پنهنجي تجربن وارن ڏٽن تي سوچيندي سوچيندي ان نتيجي تي پهتس ته ان ۾ منهنجو يا منهنجي دوستن جو شايد ڪو ڏوهه ناهي، ڇو ته اسان اهڙي سماج ۾ رهون ٿا، جتي قومون ستر اسي سالن کان رڳو ڏٽن ۾ حياتيون گذاري ٿيون ڇڏين. اسان جو سماج ۽ اسان جي قوم سٺ ستر سالن کان صرف سکڻ ڏٽن تي ئي ته هلي پئي. سنڌ خودمختيار هوندي، توهان مان جيڪو چاهي مندر وڃي، مسجد يا ڪليسا هرڪو آزاد هوندو. پر هاڻي ان واعدي جي ابتڙ هر فرقي جون الڳ عبادگاهون، سي به تالن ۾ بند. ائين ئي توهان شهيدن جي نالي تي ووٽ ڏيو، اسان خوشحالي آڻينداسين. پر هاڻي اسپتالن ۾ ريڙهين تي مريض پيا اچن ۽ ايمبولينسز ۾ پيل لاشن کي ڪتا پيا پٽين…يا وري امداد طور ٻاهران مليل ايمبولينسون مسافرن لاءِ ويگن ڪري روٽ تي هلايون پيون وڃن. تعليم ڏياريو توهان جون نياڻيون محفوظ هونديون ۽ برابري جا حق کين ملندا. پر ڄامشوري جهڙي تعليمي شهر ۾ نائلائون ڦاهو پيون کائين. سنڌ ۾ انقلاب آڻي ڇڏينداسين، توهان اسان جي لانگ مارچ جي حمايت ڪريو. پر وري به ڪو انقلاب ته ڪو نه ٿو اچي، پر لبرل ۽ سيڪيولر هجڻ گناهه بڻجندو ٿو وڃي. جمهوريت ايندي انقلاب آڻيندي، هاري مزدور خوشحال ٿيندو، پر ڏينهن صرف ڀوتارن جا پيا بدلجن، جيڪي وليز جيپن مان نڪري لينڊ ڪروزرن ۽ رينج روئرن ۾ ٿا چڙهن. اهي سڀ سندن ووٽن جي طاقت سان اقتدار ۾ ٿا اچن ۽ عوام کي اهڙا ئي ڏٽا ڏئي ٿا اچن، جهڙا مون کي ۽ منهنجي يارن کي مليا. لڳي ٿو اسان جو ايندڙ نسل به بهتر حڪمراني جي خواب جي ساڀيان ڳولڻ لاءِ وري به ڏٽن تي ئي گذارو ڪندو. اکيون پٽي اهو ڪونه ڏسندو ته ڪٿي هي ساڳين اقتداري ڀوتارن جو اولاد ته ناهن، جيڪي سنڌي قوم کي سدائين راڻي ڏيکاري گولو هڻي ويندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

پڙهڻ جي عادت  – يوسف سيف

Share this on WhatsAppپڙهڻ جي عادت  – يوسف سيف الله تعاليٰ هر انسان کي ڪيترين …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *