Wednesday , August 10 2022
uren

بجليءَ جو بحران ۽ حڪومتي ذميواري – سيد عرفان علي شاهه

Irfan Ali Shah

جيڪڏهن اسين هر سال گرميءَ جي وڌندڙ شدت ۽ بجلي جي بحران تي نظر وجهنداسين ته اسان کي کوڙ سارا سبب نظر اچن ٿا. جيئن جيئن بغير پلاننگ جي ننڍا وڏا ڪارخانا لڳي رهيا آهن، ماحول ۾ آلودگي وڌندي پئي وڃي، پيئڻ جو پاڻي، فصل، هر استعمال جي شئي زهر آلوده ٿيندي پئي وڃي. ڪارخانن جو زهريلو پاڻي ڪيڏانهن ويندو، هوا کي گدلو ڪندڙ دونهين کي روڪڻ لاءِ اڳواٽ ڪا به تياري ناهي ٿيل- جيئن جيئن شهر وڌندا پيا وڃن، لکين ايئرڪنڊيشن ۽ گاڏيون بغير پلان جي وڌندڙ شهرن ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيون آهن. هن سال صرف هڪ ننڍي ڪمپني هينئر تائين هڪ لک اي سي وڪرو ڪيا آهن، يعني جيڪڏهن سئو رپيا خرچ ڪري پنجاهه سالن جي منصوبابندي ڪري سگهجي ٿي، ته اسان جون حڪومتون هن اهم نقطي کي درگذر ڪري شهرن کي وڌڻ ڏين ٿيون ۽ پوءِ سئو رپين جي جڳهه تي هزارين رپيا هر سال صرف ان غلطيءَ کي صحيح ڪرڻ تي خرچ ڪري ڇڏين ٿيون. شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ هزارين ڪلوميٽر روڊ ٺهن ٿا، انهن رستن کي ٺاهڻ جي لاءِ لکين وڻ ڪٽيا ويا، انهن رستن سفر کي آسان ته ڪري ڇڏيو، پر هزارين ڪلوميٽر وارا روڊ گرميءَ جي اضافي جو سبب پڻ بڻجي رهيا آهن. انگريز جي دور ۾ ڪئنال ۽ ڪچن رستن جي ڪنارن تي لکين پوکيل وڻ پڻ ”ڪاٺ مافيا“ جي نذر ٿي ويا. سياسي پارٽين ۽ انتظاميا لاءِ وڻ پوکڻ ڪڏهن به اولين ترجيح ناهي رهي. اهو ئي سبب آهي، جو انتظاميا طرفان ڪنهن به سال وڻ پوکڻ جي مهم اوهان جي نظر مان نه گذري هوندي. نه ئي سياسي پارٽين جي منشور ۾ يا اليڪشن دوران ان اشو کي اهميت ڏني وئي. بجليءَ جو بحران مشرف جي ڏهن سالن جي دور ۾ نوان پلانٽ نه لڳڻ، 2002ع ۾ پي ٽي سي ايل جي اجاريداري ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪروڙين موبائل فونن جي استعمال، بينڪن پاران بجليءَ تي هلندڙ شيون جهڙوڪ فرج، ٽي وي، اي سي، استري وغيره جي لاءِ آسان قرض جي اسڪيمن جي سهولت مهيا ڪرڻ سبب بجليءَ جو استعمال وڌي ويو آهي. واپڊا جي لائين مينن جي ملي ڀڳت سان بجلي چوري ٿئي ٿي. ننڍين آبادين ۾ اهڙا گهر به نظر ايندا، جن ۾ ڪنڊا سسٽم ذريعي چار چار اي سي چوويهه ڪلاڪ هلندا هئا ۽ بل سورنهن سئو کان ٻه هزار رپيا ئي ايندو. جيڪي شريف شهري بل ادا ڪن ٿا، ان جو وري بل ويهه ويهه هزار اچي ٿو. جيڪڏهن اهي بل درست ڪرائڻ چاهين ته بل جي ڪريڪشن جي لاءِ کين ڪيترائي ڏينهن ڌڪا کائڻا پون ٿا. واپڊا وفاقي ادارو هجڻ سبب ننڍن صوبن جي ڪير به ٻڌڻ وارو نٿو هجي.

هيءَ وڏي حيرانگي ۽ پريشانيءَ جي ڳالهه آهي ته نه سياسي پارٽين ۾، ۽ نه ئي حڪومتي ادارن ۾ ريسرچ ونگز (ٿنڪ ٽينڪس) آهن. ڪنهن به خراب کان خراب ۽ ننڍي کان ننڍي واقعي جو حل ڪڍڻ ۽ مستقبل ۾ ڪنهن ساڳي واقعي کي روڪڻ جي لاءِ انهن ڳالهين جي سببن تائين پهچڻ تمام ضروري هجي ٿو. ان بنياد تي مستقبل جو لائحهءِ عمل ضروري آهي. مثال طور هن وقت بجليءَ جي بحران تي سياسي پارٽين جي حڪمتِ عملي اها آهي ته هر سطح تي احتجاج ڪيو پيو وڃي، يعني جيڪي حڪومت ۾ آهن، اهي پڻ احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي مخالف ڌر ۾ آهن اهي به احتجاج ڪري رهيا آهن. اوهان جيڪڏهن ڪنهن سياسي ورڪر يا پارٽي عهديدار کان پڇندا ته هو اهو ئي چوندو ته احتجاج ڪيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته اسين اوهان سان گڏ آهيون. يعني جيڪڏهن ڪو مريض سخت بيماريءَ جي حالت ۾ اسپتال پهچي ته ڊاڪٽر کي ان جو علاج ڪرڻ بجاءِ پاڻ مريض جي پاسي واري بستري تي ليٽي زور زور سان چوي ته: ”هاءِ آئون مري ويس!“ يقينن هڪ سياسي ورڪر جي تربيت ئي اها هجي ٿي ته ماڻهن جي لاءِ مختلف فورمن تي آواز اٿاري، انهن جي مسئلن تي ساڻن گڏجي احتجاج ڪري- پر ڇا ان سان گڏوگڏ اهو نه هجڻ گهرجي، جو مستقبل ۾ انهن مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ به کين ڪا تربيت ڏني وڃي؟ حڪمت عملي جوڙڻ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪم هجي ٿو. ان لاءِ آسان مثال اهو ڏئي سگهجي ٿو ته موبائل ٺاهڻ هڪڙن جو ڪم هجي ٿو ۽ ان کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ڪنهن ٻئي جو- اسان وٽ ڪا به منصوبابندي نٿي هجي، انجنيئرنگ بيڪ گرائونڊ واري آفيسر کي صحت جو سيڪريٽري ۽ پوليٽيڪل سائنس پڙهيل ڪنهن شخص کي وري تعليم کاتي جو آفيسر مقرر ڪيو ٿو وڃي. اهڙي حالت ۾ هو ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهندو؟ اسان جون سياسي پارٽيون سدائين هڪڙي ڳالهه وساري ويهن ٿيون ته انهن جي وجود جو سبب ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي، يعني سوشل ويلفيئر- اقتدار ۾ هجڻ دوران به جيڪڏهن رڳو دانهون ڪجن ته پوءِ اهڙي اقتدار جو عام ماڻهوءَ کي ڪهڙو فائدو؟ سياسي پارٽيون پوءِ اقتدار ۾ هجن يا اپوزيشن ۾ اهي پنهنجي ڪارڪنن کي مختلف حصن ۾ اهڙي نموني ورهائين، جو اهي عام ماڻهوءَ کي رليف ڏيڻ جو سبب بڻجي سگهن. هڪڙا اهي هجن، جيڪي مختلف فورمز تي ڪنهن اشو خلاف احتجاج ڪن، ٻيا اهي جيڪي مستقبل ۾ اشوز کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽڊيءَ جي بنياد تي ان جو ڪو حل ڳولين. ٽيان اهي هجن، جيڪي ماڻهن کي ٿورو گهڻو رليف ڏئي سگهن. مثال طور مختلف جڳهن تي ميڊيڪل ڪيمپس لڳايون وڃن، پاڻيءَ جون سبيلون لڳائين ۽ بس اسٽاپ، اسپتالن جي ٻاهران، اسڪولن وغيره ۾ وڻ لڳائين. منهنجو ان ڳالهه ۾ ايمان آهي ته ڪنهن جي تڪليف جو ازالو ڪنهن به ريت ”هاءِ گهوڙا“ ڪرڻ ۾ نه، پر ڪنهن حد تائين ان ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۾ آهي. مون پوين پنجن سالن ۾ نه صرف دبئي جي ريگستان کي نخلستان ۾ تبديل ٿيندي ڏٺو، بلڪه هر سال موسمن ۾ تبديلي به محسوس ڪئي آهي.

حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

موجوده حڪومت وٽ صرف ڪجهه مهينا آهن، تنهن ڪري اها ڪا وڏي تبديلي ته نه آڻي سگهندي. منهنجي نظر ۾ ايندڙ وقت ۾ بجلي جي وڌيڪ پيداوار هجڻ باوجود اهو بحران ڪنهن حد تائين ته ڪنٽرول ٿيندو، پر مڪمل طور تي حل نه ٿي سگهندو. ان جو سبب بجليءَ جي چوري، ميٽرز، اوور بلنگ، ريڪوري ۽ پراڻيون ٽرانسميشن لائنون آهن. شهرن جون ڪچيون آباديون جيڪي ڪا منصوبابندي نه هجڻ سبب وڌن ٿيون، اهي هڪ ته تمام ڳُتيل علائقا آهن، ٻيو تمام سنهڙيون گهٽيون آهن، جتي ڪو به وڃي نٿو سگهي. اتي بجليءَ جو نظام به ٺيڪ ناهي ۽ چوري به ٿئي ٿي. اهي جن سياسي پارٽين جا هجن ٿا، اهي پارٽيون بجلي چوري ڪرڻ لاءِ سندن حوصلا افزائي به ڪري ٿي. ٻهراڙين جي علائقن ۾ به اهڙا ڪيترائي علائقا آهن، جيڪي ”نو-گو ايرياز“ آهن، تنهنڪري بجلي وڌيڪ مقدار ۾ هجڻ باوجود به اهو سلسلو مڪمل طور تي حل ٿيندي نظر نه پيو اچي. هن وقت حڪومت کي شارٽ ٽرم حل ڳولڻو آهي. ان مسئلي تي چار مهينا ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، وڌ کان وڌ حڪومتي ريسورسز ۽ ڌيان ان مسئلي طرف ڏنو وڃي. ان لاءِ هن سال جي فرنيچر، وزيراعليٰ، گورنر ۽ وزارتن جي بجيٽ مان اڌ پئسو بجلي ۽ روڊن جي اسڪيمن لاءِ مختص ڪجي. فوري رليف جي لاءِ مختلف جڳهين تي هيٽ اسٽروڪ جا مرڪز جوڙيا وڃن، جن ۾ بزنس ڪميونٽيز ۽ صاحبِ حيثيت ماڻهن کي پڻ تعاون جي اپيل ڪجي. جڳهه جڳهه پاڻيءَ جون سبيلون لڳايون وڃن، سڀاڻي کان ئي پلانٽيشن مهم شروع ڪئي وڃي، هر نئين روڊ يا سرڪاري عمارتن ۾ وڻ پوکيا وڃن. وڏا وڻ ڪڍي اهڙين جڳهن تي لڳايا وڃن، جتي ماڻهن کي سوارين يا ڪنهن ڪم جي لاءِ بيهڻو پوي ٿو. جيئن بس اسٽاپ، حڪومتي آفيسون، اسپتالون وغيره. فوري طور حڪومتي ۽ پرائيويٽ بينڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سولر جي لاءِ آسان قسطن ۾ قرض جو انتظام ڪيو وڃي، يعني هڪ ڳوٺ جي ضرورت جي حساب سان ڳوٺ کي قرض ڏنو وڃي. ان ڳوٺ جي ڪجهه نوجوانن کي تربيت ڏئي اهو سسٽم هلائڻ جو انتظام سندن حوالي ڪيو وڃي. هيءَ مڊ- ٽرم پاليسي ٿي سگهي ٿي، جيئن صوبن کي پنجاهه ميگا واٽ بجلي جا پلانٽ لڳائڻ جي اجازت آهي. اهڙيءَ طرح ضلعن، تعلقن ۽ يوسيز کي به اجازت هجي ته هو ويهه، ڏهه ۽ پنج ميگا واٽ جا پلانٽ لڳائي سگهن. ايئن يو سي سطح تي بجليءَ جو بحران به گهٽ ٿيندو ۽ انتظام به پاڻ ئي هلائي سگهبو. لنڊن ۾ پرائيويٽ ڪمپنين کي اجازت آهي ته اهي پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن کي به بجلي فراهم ڪري سگهن ٿيون، تنهنڪري ڪمپنيون ماڻهن کي سٺي اگهه تي سروس ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ ماڻهن وٽ به آپشن هجي ٿو. اسين پڻ اهو سسٽم سنڌ ۾ متعارف ڪرائي سگهون ٿا. بجلي پيدا ڪرڻ واريون ڪمپنيون الڳ آهن ته ٽرانسميشن لائينون الڳ ڪمپنين جون آهن. هن نظام جي اسٽڊي ڪري هتي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. ڪجهه ڪمپنيون اهڙيون آهن، جيڪي لنڊن ۽ باقي شهرن ۾ گهرن تي مفت سولر سسٽم لڳائي ڏين ٿيون. ان جو طريقيڪار اهو آهي ته اهي ماڻهن سان معاهدو ڪن ٿيون ته مينٽيننس وغيره سندن ذميواري هوندي. اها ئي ڪمپني مينٽيننس ڪندي جنهن جو خرچ مالڪ کي ڀرڻو پوندو. بجليءَ جي جيتري ضرورت هوندي، اهي ماڻهو مفت استعمال ڪندا. اضافي بجلي سندن گرڊ اسٽيشن ۾ هلي ويندي، جيڪا اهي ماڻهو حڪومت يا ٻين کي وڪرو ڪندا. اهڙيءَ طرح دنيا ۾ ڪيترائي ڪامياب ماڊل آهن، جن کي هتي لاڳو ڪري سگهجي ٿو. آئون وري چوندس ته سياسي پارٽين جون ريسرچ ونگز، جن کي توهان ٿنڪ ٽينڪ جو نالو پڻ ڏئي سگهو ٿا، مستقبل جي بحران ۽ موقعن تي نظر رکڻ جي لاءِ به ضروري آهن، بلڪه جمهوريت جي بقاءَ جي لاءِ به. بجليءَ جي بحران کي ڪا به سياسي پارٽي وڌيڪ دير تائين پنهنجي حق ۾ استعمال نٿي ڪري سگهي. مونکي ڊپ آهي ته جيڪڏهن حالتون اهڙيون رهيون ته جيئن اڄڪلهه ماڻهو چورن کي پڪڙي ساڙي ڇڏين ٿا، ڪٿي اهڙو ئي سلوڪ سياستدانن سان نه شروع ٿي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *