Saturday , May 21 2022
uren

آدم شماريءَ ۾ سنڌين کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو – سلطانه وقاصي

آدم شماريءَ ۾ سنڌين کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو – سلطانه وقاصي

پندرهين مارچ کان سنڌ ۾ آدمشماري ۽ گهر شماري شروع ٿي رهي آهي. هن آدمشماريءَ جي ڳڻپ ۾ سنڌي ماڻهوءَ جي مستقبل جو دارومدار آهي. هن آدمشماري جي حساب سان اسيمبلين جا تڪ ٺاهيا ويندا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون طئي ڪيون وينديون. تعليمي ادارن ۾ داخلائون، روڊ رستا، گئس، بجلي پاڻي، اسپتالون ۽ اسڪول، ڪاليج پڻ آدمشماريءَ جي روشني ۾ منظور ڪيا ويندا آهن. هن آدمشماري مان اهو معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالهائڻ وارا ڪيترا آهن. جيڪڏهن اسان سستي ۽ ڪاهليءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ لسٽن ۾ نالا نه لکراياسين ته پوءِ جيڪو حشر اسان سنڌين جو ٿيندو اهو سوچ کان مٿي آهي.

مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون ۽ بيان پيا ڇپجن. هتي سوال اهو ٿو اُڀري ته اهي مضمون ۽ بيان سنڌي ماڻهن وٽ پهچن ٿا ۽ عام ماڻهو ڳالهه کي سمجهن ٿا. حقيقت ته اها آهي ته اسان وٽ پڙهيل لکيل ماڻهن جي گهرن ۾ به سنڌي اخبار ڪونه ٿي اچي. ته پوءِ اهي ماڻهو جيڪي اڻ پڙهيل آهن شهر توڙي ڳوٺن ۾ رهن ٿا. انهن وٽ هي اهم مسئلو ڪيئن پهچي؟

اسان وٽ ورڪرن ۽ ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي کوٽ آهي. حقيقت ۾ اُهي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي عام ماڻهوءَ کان ڪم جي شروعات ڪنديون آهن. مون ڏٺو آهي ته اسان وٽ اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ميٽنگون گهرائي انهن ۾ فيصلا ڪري مختلف ماڻهن تي ڪم رکيا ويندا آهن .انهن ميٽنگن دوران سڀ ڪو وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي. هر قسم جي تعاون جا واعدا پيا ٿيندا آهن پر ميٽنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ سڀ پنهنجن گهرن ۾ ايئن وڃي آرامي ٿيندا آهن ڄڻ انهن ڪو وڏو فرض پورو ڪيو آهي. ڪيل واعدا ۽ ڪم خواب ٿي ويندا آهن ويچارو ميٽنگ گهرائڻ وارو پيو ڳوليندو، پيو واجهائيندو، انهن ماڻهن لاءِ ته هو وري ڪڏهن ٿا ملن پر وڃڻ وارا وري موٽڻ جي ڳالهه ئي نه ڪندا آهن.

سنڌ ۾ آدمشماريءَ جي ڪم جي اهميت وڏن شهرن ۾ آهي جت عقلمند پنهنجيون عقل منديون استعمال ڪندا آهن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نواب شاهه، ٽنڊو آدم، ميرپورخاص ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ ضرورت گهڻي آهي. نظر رکڻ جي، هي اُهي علائقا آهن جت هر قسم جي مصيبت پيدا ٿي سگهي ٿي. هت ڪراچيءَ ۾ ته سڀني کي خبر آهي ته هڪ ماڻهو جو نالو شهر جي مختلف ڏهن پندرهن علائقن جي ووٽر لسٽن ۾ داخل ٿيل آهي. هاڻ به ايئن ئي ٿيندو. هو ماڻهو جيڪي هوشيار آهن هو سڀ هڪ گهر جي عيوض ڏهه ڏهه گهر لکرائيندا. هڪ ماڻهوءَ جي عيوض الائجي ڪيترن جا نالا لکرائيندا. هو هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهو آدمشماريءَ ۽ گهر شماريءَ جي اهميت کي سمجهن ٿا. انهيءَ جذبي سان ڪم جي اهميت سمجهي هو هر غلط ڪم ڪن ٿا. اسان سنڌي رڳو ڳالهيون ڪندا آهيون ڪي همت ڀريا جنون ۾ اچي ڪم ڪندا آهن ته به انهن کي تعاون نه ملندو آهي.

هن آدمشماري جي ڪم کي اجتماعي ۽ انفرادي طور کڻڻ گهرجي هر شخص کي پنهنجي ليکي پنهنجي علائقي ۾ هن ڪم کي ڪرڻ گهرجي. اسان جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ته پوءِ هي اهم مرحلو اسان جي نااهليءَ ۽ سستيءَ جي ڪري صحيح طريقي سان پورو نه ٿيندو. اسان سنڌي پوءِ عادت مطابق هميشه وانگر مايوسيءَ جا دُهل پيا وڄائينداسين ۽ هڪ ٻئي کي پيا ميارون ڏينداسين.

عملي قدم کڻڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪراچيءَ جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ ڏٺو ويو آهي ته غريب ماڻهو جيڪي هڪ ئي پلاٽ تي ڪيترائي ننڍا ننڍا ڪمرا ٺاهي رهن ٿا. چوڻ لاءِ ته هو هڪ گهر هوندو آهي پر ان ۾ پنج ڇهه خاندان رهندا آهن. هاڻ جيڪڏهن ان گهر ۾ هڪ پيءُ ماءُ ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ گهر واري سان رهي ٿي. هي سڀ شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارا آهن ته معنيٰ اهي وڃي چار گهر ٿيا. هاڻ انهن کي چار گهري چار خاندان لکرائڻ گهرجن. پر ايئن نه ٿيندو آهي. اهي ماڻهو گهر جي وڏي يعني پيءُ جي نالي پٺيان هڪ گهر لکائي پوءِ گهر جا فرد لکرائيندا آهن. ايئن ڪرڻ سان وڏو نقصان ٿيندو آهي. هي سڀ اهم ڳالهيون ۽ مسئلا انهن ماڻهن کي سمجهائڻا پوندا.

هڪ اهم مسئلو اهو به آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي عورتن جا نالا ۽ تعداد ووٽر لسٽن ۾ ڪونه لکرائيندا آهن. انهن جي اها سوچ هوندي آهي ته اسان جون عورتون ووٽ ڏيڻ لاءِ ته هونئين ڪونه وينديون ته پوءِ نالو لکرائڻ مان فائدو.

هيءَ اهم ڳالهه به ماڻهن کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي

سڀ کان اهم مسئلو هي به آهي ته سنڌ ۾ سالن صدين کان وٺي ڪجهه قومون اهڙيون رهن ٿيون جيڪي گهر ۾ سنڌي ڳالهائين ٿا. پر جڏهن انهن کان اهو پڇبو ته توهان ڪير آهيو؟ ته هو چوندا آهن ته اسان سنڌي پٺاڻ، سنڌي بلوچ يا وري سرائڪي ڳالهائڻ يا وري سنڌي ڳالهائڻ وارا پنجابي آهيون. پوءِ هو ڇا ڪندا آهن جو لسٽن ۾ ۽ سڃاڻپ ڪارڊن ۾ سنڌي لفظ هٽائي پٺاڻ، بلوچ، سرائڪي ۽ پنجابي لکرائيندا آهن. انهن سڀني ماڻهن کي سمجهائڻو پوندو ته سائين توهان جو مفاد ۽ مستقبل هن ڌرتيءَ سان وابسته آهي. جڏهن توهان گهرن ۾ سنڌي ڳالهايو ٿا ته پوءِ توهان پنهنجو پاڻ کي سنڌي ڇو نٿا لکرايو.

سنڌ ۾ خاص ڪري بلوچ، ڪڇي ميمڻ، ڪاٺياواڙي ميمڻ ۽ گجراتي ڳالهائڻ وارا بوهري ۽ اسماعيلي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ئي سنڌ ۾ رهن پيا، اُهي سڀ سنڌي آهن. سنڌ ته پنهنجي تاريخ ۾ ايئن به هئي جو ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات ۽ بلوچستان جا ڪيترا علائقا سنڌ جو حصو هئا، اُهي سڀ مهاجر يا اردو ڳالهائڻ وارا نه آهن. انهن کي اها ڳالهه سمجهائڻي پوندي ته توهان هن ڌرتيءَ تي رهو ٿا. توهان جو مستقبل هن ڌرتيءَ سان وابسته آهي. اڳتي هلي ڪاروبار، نوڪريون ۽ علم حاصل ڪرڻ سڀ ڪجهه اوهان کي هن ڌرتيءَ تي ڪرڻو آهي ته توهان سڀ پاڻ کي سنڌي لکرايو.

ڪراچي ۾ رهندڙ گجراتي ڳالهائيندڙ ته وڏي ويل ۾ آهن. هو پنهنجي گجراتي زبان سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن. پنهنجي گجراتي ٻوليءَ کي جياريندا پيا اچن. صدر بازار ۽ ٻين مارڪيٽن ۾ مون ڏٺو آهي ته انهن جي گجراتي زبان ۾ ڇپيل اخبار هر ڪنهن وٽ موجود هوندي آهي. گجراتي ۾ انهن جا رسالا به نڪرندا آهن. هنن ويچارن سان اهو ظلم ٿيل آهي جو انهن جي زبان جو خانو نه سڃاڻپ ڪارڊ ۾ آهي ۽ نه وري ووٽر لسٽن ۾ آهي ان ڪري هو ان خاني ۾ سنڌي نه پر اردو لکرائيندا آهن. ڏاڍي سٺي ڳالهه ته هاڻ هن مسئلي کي کنيو ويو آهي ته گجراتي زبان کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪيو وڃي.

حقيقت ۾ اها ڳالهه ٺيڪ به آهي ته اسان هروڀرو ڪنهن قوم جي زبان کي ماري زوريءَ سنڌي انهن کي نه ٿا ٺاهي سگهون. حيرت ۾ وجهندڙ مسئلو ته اهو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪڇي، ڪاٺياواڙي، راجستاني، ٻيون ميمڻن جون برادريون هاڻ اوچتو ئي اوچتو مهاجر ٿي ويون آهن. انهن ٻولين ڳالهائڻ وارن کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي. هي برادريون پاڻ ۾ هڪ ٿيل آهن. هنن برادرين جا ڪميونٽي سينٽر ٺهيل آهن جتي انهن جا نمائندا ويهندا آهن. هنن ڪميونٽيز ۾ ٻڌي آهي ۽ هو پنهنجن جو فيصلو قبول به ڪندا آهن. اتي وڃي انهن کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته توهان مهاجر نه پر سنڌي آهيو. توهان جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جهڙي آهي توهان سڀني جا وڏا هن گڏيل وسيع سنڌ ۾ گڏ رهندا هئا. ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ جهونا ڳڙهه سڀ سنڌ جا علائقا هئا. ملڪن جون حد بنديون وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهنديون آهن. انهيءَ عمل ڪرڻ سان سنڌي کي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي گهڻو فائدو رسندو ڇو ته هن مهل تائين هو پاڻ کي اردو خاني ۾ لکرائيندا پيا اچن. دراصل هي سڀ برادريون امن پسند ۽ واپار ڪرڻ واريون آهن. گذريل ويهن سالن کان وٺي هو ڏاڍا پريشان آهن. سالن کان وٺي هو ايم ڪيو ايم سان تعاون ڪن پيا. پهرين ته انهن کي اندازو ڪونه هو ته هنن جو هي عمل مشڪلاتون پيدا ڪندو. هو ايم ڪيو ايم جي سياست جي ڪوڙڪي به ڦاسجي ويا. چندا پئسا ڏئي هاڻ هو ڦاسجي ويا آهن. لکين ڪروڙين رپيا ڏئي به هو عدم تحفظ جو شڪار آهن هو کلم کلا ڪنهن جي سياست کان انڪار ڪري پنهنجو ڪاروبار تباهه به نه ٿا ڪري سگهن. گذريل اليڪشن ۾ ڪن برادرين ووٽ نه ڏنو ته انهن جا دُڪان ساڙيا ويا، انهن کي تحفظ ڏيئي سمجهائڻ آهي انهن کي معاشي ڊپ مان ٻاهر ڪڍڻو آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ، سنڌ جو اناج پاڻي پيئندڙ سڀ سنڌي آهن. انهن کي پاڻ کي سنڌي لکرائڻ گهرجي ڇو ته بجيٽ سنڌي جي حوالي سان ٺهندي آهي ڪنهن برادري جي حوالي سان نه.

ڀلا اسان کڻي ان ڳالهه کي مڃون ته هر انسان کي پنهنجي ٻولي ۽ سڃاڻپ سان پيار آهي ته پوءِ ان جو حل اهو آهي ته آدمشماري ۽ سڃاڻپ ڪاردن جي فارمن ۾ اهم خانو سنڌي هجي ۽ بريڪيٽ ۾ انهن جي ٻولي لکيل هجي. مان هن راءِ جي به خلاف آهيان ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي پر ڪڏهن ڪڏهن مجبوريون به ڪي فيصلا ڪرائينديون آهن. هتي ڪراچيءَ ۾ اليڪشن کٽڻ وارا بي تاج بادشاهه اهو چوندا آهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اردو ڳالهائڻ وارن مهاجرن جي اڪثريت آهي. هي حيدرآباد، ڪراچي، سکر، ميرپورخاص مان چونڊون کٽي هو مهاجريت جو نعرو لڳائي صوبي جي به گهر ڪندا آهن. سچائي ۽ نيڪ نيتي سان جيڪڏهن آدمشماري ٿئي ته يقين ڄاڻو ته اردو ڳالهائڻ وارن جو تعداد هنن شهرن ۾ پنجويهه کان وٺي ٽيهه سيڪڙو مشڪل سان هوندو. هي ٻيون قومون ۽ برادريون ووٽر لسٽن ۾ اردو لکائي انهن جو تعداد وڌائي رهيون آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد کان وٺي سڄي سنڌ ۾ هاڻي پٺاڻ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. بنگالي، برمي به هڪ وڏو مسئلو آهن. نالو صرف آدمشماري آهي پر عملن هي اجگر جيڏو وڏو مسئلو آهي. نفرتن سان نه پر پيار محبت سان سڀني برادرين کي سمجهائڻو پوندو. صرف هڪ نقطي تي انهن کي آڻڻو پوندو ته هو اردو ڳالهائيندڙ مهاجر نه آهن. پنجابين ۽ پٺاڻن سان قانوني طور سختي ڪرڻي پوندي ته هو وڃي پنهنجي صوبي ۾ پنهنجو نالو لکرائين. اسان کي عمل، قلم ۽ ميڊيا جي ذريعي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهڻي پوندي.

About Asghar Azad

Check Also

غربت جو خاتمو چاهيون ئي نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن

Share this on WhatsAppغربت جو خاتمو چاهيون ئي  نه ٿا،سکڻيون دانهون ڪرڻيون آهن! – اصغر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *