Friday , March 29 2024

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن استعيفائن جي مخالفت ڪري ڇڏي، پي ڊي ايم به سينيٽ اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت مخالف تحريڪ دوران اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، پي ڊي ايم جي استعيفائن واري فيصلي تي پ پ جي سينئر اڳواڻن جي سخت مخالفت کانپوءِ معاملو پ پ پ جِي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت خلاف ڌرڻن ۽ احتجاجي جلسن، ۽ استعيفائن کان وڌيڪ حڪومت خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ آڻڻ تي به غور. اپوزيشن جي حڪومت مخالف تحريڪ دوران استيعفائون ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن پاران مخالفت کانپوءِ پيپلزپارٽي حتمي طور تي اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته سينيٽ اليڪشن ۽ ضمني چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو ويندو ۽ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين کي به ان تي يراضي ڪيوويندو، سينيٽ اليڪشن به پي ڊي ايم جي پليٽ فارم يا ڪجهه گڏيل اميدوار به آڻي سگهجن ٿا. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي استعيفائون ڏيڻ واري فيصلي تي عمل نه ڪندي، ڪجهه سينئر اڳواڻن استعيفائن جي سڌي سئين مخالفت ڪري ڇڏي آهي، جن مان اڪثر ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار پاران رابطي ڪرڻ تي پيپلزپارٽي جي ڪجهه اڳواڻن نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، ” پي ڊي ايم جي پليٽفارم تان اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ واري تجويز نون ليگ ۽ جي يو آءِ پاران آئي هئي جنهن جي اتحاد جي ٻين پارٽين جي حمايت حاصل ڪرڻ جي به مهم به نون ليگ ئي هلائي هئي، پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن استعيفائن واري تجويز جي پهرين ڏينهن کان مخالفت ڪندي حڪومت کي ڪنهن به پليٽفارم تي واڪ اوور ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو”.

پ پ پ جي ذريعن موجب، ” استعيفيائن واري معاملي تي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئني صوبن جي اهم اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا هئا جن مان اڪثر ان فيصلي جي مخالفت ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته،استعيفائن واري فيصلي تي عمل سان پيپلزپارٽي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾ ٿيندو، پارٽي اڳواڻن جي اهڙي صلاح کانپوءِ مختلف اڳواڻن کان معاملو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ( سِي اِي سِي) ۾ پيش ڪرڻ جا بيان ڏياريا ويا، ان بعد بلاول ڀٽو زرداري به اهائي ڳالهه ڪئي ته پ پ استعيفائن واري پي ڊي ايم جي فيصلي سان متفق آهي پر حتمي فيصلو سِي اِي سِي ئي ڪندي“.

ان سلسلي ۾ پ پ جي هڪ ٻئي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، سي اي سي جي اجلاس ۾ فيصلو اُو ئي ٿيندو جيڪو آصف زرداري جي ڳجهو پيغام هوندو، بلاول ڀٽو زرداري جو پارٽي جي فيصلا سازي تي اُهو اثر ناهي جيڪو بظاهر سمجهيو پيو وڃي، استعيفائن واري معاملي تي پارٽي اندر اڪثر اڳواڻن جي راءِ ته اهائي آهي ته استعيفائون ڏيڻ سان سڀ ڪجهه وڃائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو، اڪثر اڳواڻ ته نيب ۽ اينٽي ڪرپشن ڪيسز ۾ رليف حاصل ئي سنڌ حڪومت جيڪري ڪري رهيا آهن، انڪري 70سيڪڙو اڳواڻ استعيفائن واري فيصلي جي مخالفت ڪري رهيا آهن، هن ٻڌايو ته ايم پي ايز پاران پارٽي چيئرمين کي اماڻيون ويندڙ استعيفائون صرف ڏيکاءُ آهن، عمل ته وري به سِي اِي سِي جي فيصلي تحت ٿيندو، جيڪو استعيفائن ڏيڻ جي خلاف هوندو.

ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ جي سينئر اڳواڻن جا پاڻ ۾ صلاح مشورا هلندڙ آهن، جن جو نواز شريف ۽ آصف زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان به رابطو آهي ۽ پارٽين اندر ۽ بااثر طاقتور ڌرين سان ٿيندڙ ڳالهين بابت به قيادت کي آگاهه ڪيو پيو وڃي، پيپلزپارٽي جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ حصو ورتو ويتو ويندو، ن ليگ، پ پ ۽ جي يو ءِ  سميت سموريون جماعتون سينيٽ اليڪشن به پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حصو وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، پر ان جا امڪان گهٽ آهن، ذريعن موجب ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اسلام آباد وارين سينيٽ جي سيٽن تي گڏيل اميدوارميدان ۾ لاٿا وڃن ۽ اُهو ئي حڪومت خلاف اپوزيشن جي عدماعتماد واري تحريڪ جي ڪاميابي جو پهريون قدم ثابت ٿي سگهي ٿو.”.

لمس ڄامشورو ۾500 کان وڌيڪ ملازمن جي غيرقانوني ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف،پرو-وي سي تي پارٽ ٽائيم دوران پي ايڇ ڊي جو الزام

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *