Sunday , April 28 2024

پيپلزپارٽي اسٽبلشمينٽ سان گڏجي سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ فلسطين ٺاهڻ رٿابندي ڪري ورتي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي اسٽبلشمينٽ سان گڏجي سنڌ ۾ بحرياٽائون کانپوءِ هڪ وڌيڪ فلسطين ٺاهڻ لاءِ رٿابندي مڪمل ڪري ورتي آهي، سوين قديمي ڳوٺ، تاريخي ۽ ماڳ، معدني وسيلن وارا پهاڙي علائقا نئين سيٽلائيٽ ٽائون ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي طرز تي نئين اٿارٽي قائم ڪرڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، امڪان اهو به آهي ته ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل به آندو وڃي.

تفصيلي رپورٽ مطابق پيپلزپارٽي ۽ ان جي سنڌ حڪومت بحريا ٽائون، ڪمانڊر سٽي، بحرٽائون ٽو، اي ايس ايف سٽي، ڊي ايڇ اي سٽي جي هائوسنگ اسڪيمز جي صورت ۾ سنڌ اندر نئون فلسطين قائم ڪرڻ کانپوءِ ملير جي وڏي حصي ۽ ڪجهه ٺٽي ضلعي جي قيمتي زمينن تي سيٽ لائٽ ٽائون ٽائون جي نالي سان هڪ وڌيڪ نئون فلسطين قائم ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، جنهن لاءِ زمين جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي. تجويز ڪيل نئون شهر ملير جي ساحلي پٽي، گڏاپ، گهگهر کان موٽر وي، ڪاٺوڙ جا جبل ۽ ٺٽي جي ڌاٻيجي واري علائقي تي ٻڌل هوندو.نئون تجويز ڪيل شهر سيٽلائيٽ ٽائون نالي سان قائم ڪيو ويندو.

سنڌ حڪومت سيٽلائيٽ ٽائون لاءِ ملير ضلعي ۾ اسٽيل ملز جي خالي پيل زمين، پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا جي گهگهر ڦاٽڪ واري پاسي کان زمينون سيٽلائيٽ ٽائون ۾ شامل ڪيون وينديون،

سنڌ حڪومت پاران سيٽلائيٽ ٽائون لاءِ ابتدائي طور ملير ضلعي جون 15 کان وڌيڪ ديهن جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي، روينيو کاتي جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، ملير ۾ وڌيڪ خالي پيل سرڪاري توڙي خانگي زمينن جي نشاندهي ڪري مقرر ڪيل مخصوص خاص شخصيتن کي رپورٽ ڪئي وڃي، خانگي زمينن جي ماڻهن سان رابطا ڪري انهن کان زمينون خريد ڪرڻ يا وري رياستي طاقت استعمال ڪري زمين حاصل ڪئي وڃي. انهن ديهه الله ڦهائي، شاهه مريد، ديهه ماهيو، ناراٿر، تَورِي ديهه شاهي چب، لوهار ڪو لَنگ، مِٺا گهر، ٻولهاري، لنگيجي ديهه کي به هن منصوبي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ فيلڊ ورڪ مڪمل ڪرايو ويو آهي. ديهھ ڪونڪر، کار کڙو، ڪاٺوڙ، ديهه ڌاٻيجي، گهگهر ۽ ڊانڊو به سيٽلائيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *