Sunday , April 28 2024

شهيد فاطمه ڦرڙو جي وحشياڻي قتل بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ جون حقيقتون

شهيد فاطمه ڦرڙو جي وحشياڻي قتل بابت پوسٽ مارٽم رپورٽ جون حقيقتون

ھن انياءُ ۽ انڌير خلاف توھين تڏھين زورائتو آواز اٿاري سگھندو جڏھين توھان کي مظلوم فاطمه سان ٿيل سموري ظلم جي ڄاڻ ھوندي.

ہم جو تاریک راہوں میں مارے گئے

مظلوم فاطمه ڪيس جو سڀ کان وڌيڪ عذابناڪ ۽ ڏکوئيندڙ باب

ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ ۾  وڌيڪ ڪجھ دردناڪ حقيقتن تان پردو کنيو ويو آھي،

ان لاءِ ھي پوسٽ آخر تائين پڙھندو تڏھين وڃي توھان جي مغز مان ٺڪاءُ نڪرندا. آئون تمام سادي سلوڻي انداز سان ان کي ميڊيڪل سائينس جي جدا پاسن کي ڳنڍي سڄي صورت سامھون رکان ٿو.

  1. عام طور تي جڏھين ماڻھو مرندو آھي (چاھي فطري طور يا غير فطري طور) تڏھين ھڪ ڪلاڪ اندر زمين جي ھيٺين طرف ڪشش سبب مُردي جو رت بہ ھيٺين پاسي سيمو ڪري ڳڙڻ شروع ڪندو آھي ۽ جسم جي ان واسطيدار ھيٺين حصي تي رت جا ڌٻا ۽ داغ ٺھڻ لڳندا آھن،

2، ھي عمل موت جي پھرين ڪلاڪ اندر شروع ٿيندو آھي ڇھن ڪلاڪن تائين ھلندو آھي ۽ پوءِ رت ۾ ڄمڻ يا ڪلوٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ سبب سيمي ۾ رڪاوٽ پوندي آھي اٺن ڪلاڪن ۾ رت مڪمل ڄمي ويندو آھي رت جو سيمو ھيٺ طرف بند ٿي ويندو آھي. ان عمل کي ميڊيڪل سائينس جي زبان ۾Fixation of Post Mortem Lividity چئبو آھي.

  1. موت کان چار ڏينھن پوءِ فاطمہ جي قبر ڪشائي وقت ميڊيڪل بورڊ کي ھن جو لاش ھاڻي ڳرڻ واري حالت ۾ مليو. پر ان جي ڪنن ۽ نڪ مان رت وھندي ڏٺو ويو ان جو ذڪر سندن رپورٽ ۾ پڻ آھي.

(انڊيا جي ميڊيڪل جورسپروڊنس جي نامور ماھر ڊاڪٽرن  جئي سنگ مودي ۽ سي ڪي پاريک جن جا ميڊيڪل جورس پروڊنس تي لکيل تحقيقي ڪتاب پاڪستان سميت دنيا جي مشھور ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پڙھايا وڃن ٿا، ان کان سواءِ پاڪستان مان ڳڻپ جوڳو  ماھر ڊاڪٽر ايس صديق حسين جي جورسپروڊنس تي ڪتاب مان حوالا ورتا ويا آھن،)

  1. ھتي سوال ٿو پيدا ٿيئي تہ فطري طور رت وھڻ موت کان پوءِ اٺن ڪلاڪن ۾ بند ٿيڻ گھرجي فاطمه جي ڪنن ۽ نڪ مان چئن ڏينھن کان پوءِ بہ ڇو ٿو وھي.؟ ٻيو تہ ڪھڙي سبب يا ڌڪ سبب اھو رت پيو وھي؟
  2. ميڊيڪل سائينس جو ھي تمام اھم پھلو آھي، سائينسي کوج مطابق حقيقتن کي ڳولي لھي سگھجي ٿو.

توھان کي ياد ھوندو ته اڳين پوسٽن ۾ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ رکي ھُئم جنھن ۾ ڄاڻايل آھي تہ مظلوم فاطمه جي مٿي تي تمام گھڻا ڌڪ لڳل ھُئا جن جو اثر کل ۽ سخت پردو سڪيلپ کوپڙي تان لاھڻ وقت ان جي اندر رت جا داغ ڏسڻ ۾ آيا ۽ جوڙ ڀيچ ڪندڙ مٿي مٿان لڳل ڌڪن ۽ ڪيپراٽي جون ھڏيون ڳنڍيندڙ سوچر رتيل ھُئا.

واقعاتي شاھدين ۽ لڳل ڌڪن جي پئٽرن مان ھي يقيني اندازو ڪري سگھجي ٿو ته، جوتو ھٿ ۾ کڻي ان جي کُڙيءَ سان بار بار نا فرمان نھڪار ڪندڙ فاطمه جي مٿي تي ڌڪ ھنيا ويا آھن يا اھڙي قسم جو مڏي قسم جي ھٿيار سان مٿي تي مارڪٽ ڪئي ويئي آھي.

ان جو نتيجو ھي نڪتو

پاڻ پھرين پوسٽ ۾ سائينسي سبب ڄاڻائي آيا آھيون ته فاطمه جي ھڏن ۾ لچڪ سبب اھي فريڪچر (ڀڳ ٽوٽ) جو شڪار نه ٿيا آھن

ھيٺ تصوير ۾ ڏسو مٿي جي کوپڙي ۽ ڪرنگھي جي ھڏي جو جوڙ آھي. زندھ حالٽ ۾ ان جي چوڌاري رت جون نسون، مشڪن جو ماس، تنتون وغيرہ ڳڄ مقدار ۾ پکڙيل ھونديون آھن

مٿان لڳندڙ ھر ڌڪ جو سمورو زور ھيٺ ڪرنگھي جي ھڏي ۽ کوپڙي جي جوڙ وٽ پوندو ۽ ان جي چوڌاري رت جون نسون ۽ مشڪن جو ماس ڦاٽي پيو ھوندو، اھڙي شديد دوزخ جي درد ۾ مظلوم فاطمہ سان زنا ٿي آھي. ھاڻي فاطمہ سفا جڏھين مرڻينگ ٿي آھي تڏھين ھن وحشي پير پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪمپائونڊر گھرايو جنھن کي دل جي بيمارين جي بنيادي اصولن جي ڪا بہ خبر ناھي، ھن فاطمه تي سلائين ساليوشن جي بوتل چاڙھي درحقيقت ھن کي ھٿ وٺي موت جي منھن ۾ ڌڪيو آھي. ميڊيڪل سائينس جو سادو اصو آھي تہ جڏھين اندروني يا بيروني زخمن مان رت وھندڙ ھجي تہ ان  حالت ۾ سلائين سوليوشن جي بوتل نہ چاڙھبي آھي ان سان رت ڄمڻ جا جيڪي چار طريقا فطري طور انسان اندر آھن اھي ناڪارہ بنجي وڃن ٿا ماڻھو گھڻي رت وھڻ سبب مري وڃي ٿو،

فاطمه جي کوپڙي ۽ ڪرنگھي جي ھڏي جو جوڙ سمورو شديد اندروني طور زخمي ھو ٻاھران نسون ڦاٽل ھيون نڪ ۽ ڪنن مان وھندڙ رت ان صورت جي نشاندھي پي ڪئي.ايئين ھٿ وٺي فاطمه کي سڀني گڏجي قتل ڪيو آھي. جو ميڊيڪل بورڊ کي چئن ڏينھن کان پوءِ به فاطمه جي ڪنن ۽ نڪ مان رت وھدي نظر پيو اچي جيڪو نشاندھي ڪري ٿو تہ کيس حياتي ۾ سلائين سوليوشن جي بوتل چاڙھي ويئي آھي،

ان جو جواب پھرين پاڻ عالمي ماھرن جي ڪتابن مان ڳوليون.

فوتي کي مرڻ کان اڳ جيڪڏھينSaline Solution انٽرا وينس (نس ۾ ) لڳندي ته رت جيسين تائين مردو سمورو ڳري نہ وڃي رت پاڻيٺ جي صورت ۾  زخمن مان وھندو رھندو،

پاڻ کي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ پھرين نظر مان گذري آھي

زخم نمبر ست ۾ ڄاڻايل آھي تہ فاطمہ جي کاٻي ھٿ تي مڏي اوزار (لٺ وغيرہ) جو ڌڪ لڳل ان جي نس ۾ انٽرا وينس انجيڪشن جو نشان آھي،

 ان سبب  ئي چئن ڏينھن کان پوءِ فاطمه جو خون ناحق فريادون ڪندو ھن جي ڪنن ۽ نڪ مان ٻاھر وھي رھيو ھو.

تصويرون ڳالھائين ٿيون.

  1. ڪرنگھي جي ھڏي ۽ کوپڙيءَ جو جوڙ

2،سلائين سوليوشن جي بوتل جيڪا فاطمہ کي لڳي سندس حياتي جو ڏيو ھميشه اجھائي ڇڏيو.

قبر ۾ آرامي منھنجي مظلوم نياڻي فاطمه ڀلي سڄي دنيا پٺ ڏيئي ڇڏي پر تنھنجي خون ناحق لاءِ آئون اڪيلو به آواز اٿاريندو رھندس.

(حسين بخش ٿيٻو جي وال تان کنيل؛ هن ۾ ڪنهن به قسم پروفن سميت ڪنهن به قسم جي ايڊٽ ناهي ڪيل، صرف هيڊنگ پاڻ ڏني آهي_ادارو)

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *