Saturday , April 27 2024

بلاول هجي ها ته پاڻي واري وڊيو ڏسي ها،وزيراعليٰ صاحب! ٻڌي ڇڏيو ته هي مسئلو اوهان کي حل ڪرڻو آهي:سپريم ڪورٽ

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو ڏسي ۽ ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، چيف جسٽس وڏي وزير مراد علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاهه صاحب! اوهان کي هتي طلب ناهي ڪيو پر وقار ۽ عزت سان گهرايو آهي،جيئن هيءَ وڊيو ڏسي سگهو ۽ اسان هنن حالتن کي تبديل ڪري مسئلو حل ڪرڻ چاهيوين ٿا ان لاءِ اوهان کي جيڪا مدد گهرجي ٿي اها ڪرڻ لاءِ به تيار آهيو، اوهان جتي به چيو اتي هلي پاڻي پيئون ٿا.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندو پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ قائم بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻو سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، صحت کاتي جو سيڪريٽري فضل الله پيچو هو،گهرو، مڪاني ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽري ۽ عملدار به ٻڌڻي دوران عدالت ۾ موجود هئا. ٻڌڻي دوران پٽيشنر ۽ سينئر قانوندان شهاب اوستو پاران پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ واري معاملي تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري به پيش ڪئي وئي. ان دوران چيف جسٽس ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وچ ۾ مڪالمن/جملن جي ڏي وٺ به ٿيندي رهي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته، اسان جو مقصد اهو هرگز ناهي ته اختيار آهن ته اسان ڪنهن تي چڙهائي ڪيون، لائٽ موڊ وٺو يا سنجيده پر اهو سمجهي ڇڏيو ته مسئلو اوهان کي ئي حل ڪرڻو آهي، اوهان عدالت ۾ حلف نامو/قسم نامو لکي ڏيو جيڪو بحيثيت وزيراعليٰ هجي ته اوهان هي مسئلو حل ڪندا.مسئلي جي حل لاءِ عدالت کي حڪمت عملي به ٽائيم فريم به ڏيڻو پوندو. هن معاملي  ۾ مونکي هر هفتي عدالت اچڻو پيو ۽ اوهان کي گهرائڻو پيو ته ائين به ڪندس، وزيراعليٰ صاحب اوهان کي عوام ووٽ ڏئي چونڊيو آهي ۽ ان لاءِ اوهان کي انهن جي ٻين مسئلن سان گڏ هي معامللو به حل ڪرڻو پوندو.

چيف جسٽس وڏي وزير مراد علي شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته، وزير اعليٰ صاحب! وڊيو ڏسي مونکي انتهائي تڪليف ٿي آهي، اسان اوهان کي وقار ۽ عزت سان گهرايو آهي، اسان هنن حالتن کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جو مقصد صرف ۽ صرف اهو آهي ته ماڻهن کي هن پيئڻ جي گندي پاڻي مان جان ڇڏايون جيئن مسئلو حل ٿي سگهي. شاهه صاحب جيڪڏهن اسان جي مدد جي ضرورت هجي ته اسان کان گهرو مدد ڏيندا سين، اسان جو ڪلهو استعمال ڪرڻ چاهيو ٿا ته هي مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ائين به ڪري سگهو ٿا. عهدا انجواءِ (انجواءِ جي ڪئبريج ڊڪشنري ۾ مطلب آهي تهEnjoyThe regular verb enjoy means ‘get pleasure from something’) ڪرڻ جي لاءِ ناهن هوندا پر اهي مسئلا حل ڪري ذميواريون نڀائڻ لاءِ هوندا آهن. وزيراعليٰ صاحب اوهان جتي وڃو ٿا اتي پاڻي جي هڪ بوتل/گلاس پي ته ڏسواوهان کي خبر ته پوي ته عام ماڻهو ڪهڙُ پاڻي پي رهيا آهن. چيف جسٽس رماڪس ۾ چيو ته ماڻهو انتظاميه جي ناڪامي ۽ ان مان ناڪام ٿيڻ بعد ئي مجبور ٿي عدالت جو درکڙڪائن ٿا. شاهه صاحب وڊيو کي ڇڏيو، ڪميشن جي ئي رپورٽ پڙهي ڏسو. ان مان مسئلن جو حل ڳوليو ان ۾ جن جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي انهن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻو. چيف جسٽس چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته، هي وڊيو غور سان ڏسو ۽ آءُ ميڊيا جي نمائند کي به چوان ٿو ته اهي هن وڊيو جي ڪاپي وٺي پنهنجن پنهنجن چئنلز  تي عوام کي ڏيکارين. وزيراعليٰ صاحب! ٻڌي ڇڏيو ته هي مسئلو حل ڪرڻو آهي، اوهان کي هتي سڏائڻ جو مقصد صرف مسئلي جو حل ڳولڻ آهي، اوهان جتي چئو اتي هلي پاڻي جي هڪ هڪ بوتل پيئون ٿا.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته، بلاول ڀٽو زرداري مونکي پنهنجن ٻچن وانگر آهي، اسان جي خواهش هئي ته بلاول ڀٽو زرداري به اڄ هتي موجود هجي ها ۽ اهو به هي وڊيو ڏسي ها ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شسهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن.

ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف جسٽس جي رماڪس دوران ۽ بعد ۾ عدالت آڏو ڳالهائيندي/موقف پيش ڪندي چيو ته، ڪجهه منٽ ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت کيس اجازت ڏني؛ وڏي وزير چيو ته، جيڪا صورتحال هن  وڊيو ۾ ڏيکاري وئي آهي، اها صورتحال ايتري به خراب ناهي. هيٰ وڊيو ته درخواست گذار جي آهي، مونکي به موقعو مليو ته هڪ وڊيو مان به پيش ڪندس.  چيف جسٽش سوال ڪيو ته سنڌو درياءَ جو ڪيترو پاڻي سمنڊ ۾ وڃي ٿو، اهو پاڻي ڪراچي واسين کي ڇو مهيا نه ٿو ڪيو وڃي؟ ان تي وڏي وزير چيو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي تمام گهٽ اچي ٿو، سمنڊ ۾ جيترو پاڻي يوڃڻ گهرجي اوترو نه ٿو وڃي؛ جن هن جي نتيجي ۾ ٺٽي ۽ بدين ضلعن جون آباد زمينون به تباهه ٿي ويون آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. وڏي وزير چيف جسٽس کي مخاطب ٿيندي چيو ته، مونکي  وقت ڏيو آحيءُ اوهان کي پڪ/يقين ٿو ڏياريان ته مسئلو حل ڪنداسين.      (جاري)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *