Saturday , April 27 2024

پيپلزپارٽي نالي سنڌ ۾ ڪا به پارٽي ناهي: اڳوڻي اسپيڪرڊاڪٽر فهميده مرزا

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته، سنڌ ۾ پ پ نالي سنڌ ۾ ڪا به پارٽي ناهي ته پوءِ ان کي ڇڏڻ جو ته سوال ئي ناهيئ ڪراچي ۾ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته، هاڻي آءُ / مرزا گروپ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان ايندڙ چونڊون وڙهنداسين، سنڌ ۾ موجود ٻين پ پ مخالفن کي چوان ٿي ته گريڊ ڊيموڪريٽڪس جي ڇٽي هيٺ اچن. هن چيو ته سنڌ کي هڪ مافايا کان آزاد ڪرائڻو آهي. گذريل 10 سالن دوران سنڌ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن، مان ڪرپشن واري حڪومتي نظام جو حصو نه هيس، مون وٽ ڪي به ايگزيڪيوٽو اختيار نه هئا.

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پ پ جي ناراض اڳواڻ فهميدا مرزا ،جي ڊي جو حصو بڻجي وئي،فهميدا مرزا چيو ته سنڌ جي سمورين ننڍين وڏين پارٽين کي جي ڊي اي جو حصو ٿيڻ گهرجي. ڪراچي ۾  مرزا هائوس تي پير پاڳاري ۽ ذوالفقار مرزا جي موجودگي ۾فهميده مرزا جي ڊي اي جي ساٿ ڏيڻ جو اعلان  ڪيو. سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن مسئلن تي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. فهميدا مرزا چيو ته سنڌ جي پاڻي تي پهريون حق پڇڙي جو آهي. سنڌ ۾ امن جو قيام ۽ غربت جو خاتمو چاهيون ٿا. سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته بدين ۾ 15 مئي تي ٿيل جلسو مخالفن لاءِ ريفرنڊم ثابت ٿيو. اڳوڻي اسپيڪر چيو ته سنڌ کي مافيا کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ضرورت آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *