Sunday , April 28 2024

ڪينجهر ڍنڍ ۾ هڪ شخص جو لاش ۽ مئل جانور پيل، ٽن ٿاڻن پاران حد جو تڪرار 8 ڪلاڪن بعد حل

ٺٽو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺٽي ويجهو ڪينجهر ڍنڍ مان اڻسڃاتل شخص جو لاش هٿ آيو ۽ مئل جانور به پيل هجڻ ڪري علائقي ۾ بدبوءِ ڦهلجي وئي، اربع ڏينهن شام جو 3 وڳي هٿ آيل لاش 8 ڪلاڪن کانپوءِ ڪڍيو ويو، ٽن ٿاڻن جي پوليس ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حد وارو تڪرار نيبرڻ ۾ مصروف رهي، ايس ايس پي شبير سيٺار پاران ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ موڪليل ٽيم به رات 12 وڳي ٺٽي کان ڪينجهر سونهري پوائنٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڪينجهر ڍنڍ جي سونهري پوائنٽ وٽ علائقي واسين هڪ شخص جو لاش ۽ ڪجهه مئل جانور ڏٺا، جن پوليس کي اطلاع ڏنو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، پوليس کي فوري طور تي اطلاع ڏنو، پر رات دير تائين پوليس نه پهتي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٺٽو هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته، لاش هٿ اچڻ واري سونهري پوائنٽ جي حد تي ڪنهن به ٿاڻي جي پوليس جو پاڻ ۾ تڪرار ناهي. ايس ايس پي شبير سيٺار رات 10 وڳي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته، هُن هڪ ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ٽيم، واقعي واري هنڌ رواني ڪئي آهي جيڪا پهچڻ واري هوندي. ان سلسلي ۾ آخري اطلاعن تائين ايس ايس پي پاران موڪليل ڊي ايس پي واري ٽيم واقعي واري هنڌ ناهي پهتي ۽ نه وري جهمپير، جهرڪ ۽ ڪينجهر ٿاڻن جي پوليس وچ ۾ حد وارو تڪرار به ناهي نبري سگهيو. نيٺ ايس ايس پي پاران موڪليل ڊي ايس پي ٺٽي مان ڪينجهر جي سونهري پوائنٽ وٽ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ رات دير سان لاش ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *