Monday , April 29 2024

ايم آر ڊي جو اهم ڪردار سينيئر سياستدان مخدوم خليق الزمان لاڏاڻو ڪري ويو

مخدوم غلام محمد عرف مخدوم خليق الزمان ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد سومر ڏينهن ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو

مخدوم خليق الزمان جو مڙهه ڪراچي کان هالا پهچايو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

ڪراچي / هالا ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سينيئر سياستدان ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ايم آر ڊي جو اهم ڪردار مخدوم خليق الزمان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه هالا ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ڪيو ويو. مخدوم غلام محمد عرف مخدوم خليق الزمان ڪافي عرصو بيمار رهڻ بعد سومر ڏينهن ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو. مخدوم خليق الزمان جو مڙهه ڪراچي کان هالا پهچايو ويو، جتي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

مخدوم خليق الزمان پاڪستان پيپلزپارٽي جو ابتدائي ڏينهن کان حصو رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ڊڪٽيٽر ضياءَ خلاف هلايل ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، انهن ڏکين حالتن ۾ هن پيپلزپارٽي سنڌ جي صدارت جو منصب سنڀاليو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جيل به ڪاٽيو. مخدوم خليق الزمان بينظير ڀٽو جو انتهائي ويجهو ۽ بااعتماد ساٿي به رهيو.

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي گهر ۾ 13 فيبروري 1949تي جنم وٺندڙ مخدوم خليق جو اصل نالو مخدوم غلام محمد هو، خليق الزمان سندس تخلص هو، خليق الزمان سٺو شاعر به هو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو؛ مچ جيل، ڪوٽ لکپت، ڪراچي، حيدرآباد نارا جيل، سکر سينٽرل ۾ ڪيتروئي وقت قيد ڪاٽيو. مخدوم خليق الزمان، حيدر / موجوده ٽنڊو الهيار واري تڪ تان ايم پي اي، ايم اين ۽ هڪ ڀيرو سينيٽر به چونڊيو ويو.

مير مرتضيٰ ڀٽو جي وطن واپسي ۽ سياست ۾ سرگرم ٿيڻ بعد مخدوم خليق الزمان پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري مير مرتضيٰ ۽ نصرت ڀٽو جي قافلي ۾ شامل ٿيو، جنهن بعد مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت تائين پ پ شهيد ڀٽو ۾ ئي رهيو، مير مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هن جهڙوڪ سياست کي الوداع ڪري گوشه نشيني اختيار ڪئي.

مخدوم خليق الزمان جي شاعري مان هڪ غزل

جي   ٿا   چاهيو   هر   گهڙي   رهجي   بهارن   جي   قريب

ڪنهن    بهاني    ساڻ    ويهجي    قربدارن    جي    قريب

دشت  و  صحرا  ۾  ٺھيل  محلات   سڀ   ويران  ٿي  ويا

هاڻ    خسخانا   ڪي   ٺاھيون   مرغزارن     جي    قريب

اڄ  وفا  کان جند ڇڏايون ڪنهن  نه  ڪنهن ترڪيب سان

ڪنهن   نموني   ساڻ   ويهون   فتنه   دارن    جي   قريب

دل  نٿي   چاهي   ته   رهڻو   پئي   ڪو   مونکي   منتظر

۽    ذھن    منهنجو    رهي    ٿو    انتظارن    جي    قريب

گلستان    وارا    ڀلي    رشوت    ۾    مونکي    گل    ڏين

پر  مونکي  آھي   پسند   رهڻو   ئي   خارن    جي   قريب

آسمان   جي   ڪڇ    ۾   آھي   گر    اڃا     نئين    زندگي 

پوء  زمين   ڇڏيو   ۽   ڳوليو   گهر   ستارن   جي   قريب

اڄ   قيامت    جي   ضيافت   ٿو   ڪريان   محبوب    من

اڄ    ڪريان    طوفان    ٿو    برپا   ڪنارن    جي   قريب

ڇو   ته  اڄ   بخت  سيھ  کي   جلو   گر    ڪريان   خليق

ڇو   نه   پاٿاري   ڪجي   اڄ    ماه    پارن    جي    قريب

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *