Saturday , April 27 2024

ڪوئيٽا جي هوٽل ۾ ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا

گهور وزير شيخ رشيد ڪوئيٽا ڌماڪي کي سيڪيورٽي جي ناڪامي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪوئيٽا ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ) ڪوئيٽا شهر جي خانگي هوٽل جي ڪار پارڪنگ ۾ ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، 12 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿين پيا، وفاقي گهور وزير شيخ رشيد ڌماڪي کي سيڪيورٽي جي ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته دشمن اسان جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پر کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪوئيٽا جي زرغون روڊ تي قائم شهر جي اڪيلي فور اسٽار هوٽل سيرينا جي ڪار پارڪنگ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن، ڌماڪي کانپوءِ پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي باهه وڪوڙي وئي. ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي رسيڪيو ٽيمون، پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار سيرينا هوٽل پهچي ويا، ريسيڪو ٽيمن ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ذريعن جي دعويٰ موجب 5 ڄڻن جا لاش ۽ 15 زخمين کي آندو ويو، زخمين مان به اڪثر جي حالت خراب آهي. پنجاب حڪومت ڌماڪي کانپُءِ ڪوئيٽا جي سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون.

ڌماڪي بابت وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد نجي ٽي وي چئنلز سان ڳالهائيندي چيو ته ان ئي هوٽل ۾ چيني سفير به ترسيل هو پر ڌماڪي وقت هُو اُتي موجود نه هو، هن چيو ته ڌماڪو سيڪيورٽي جي ناڪامي آهي، ملڪ دشمن اسان جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن پر کين ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ڊي سي ڪوئيٽا اورنگزيب باديني موجب ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ارباب ڪامران  به ڪجهه لاش ۽ زخمين جي اسپتال پهچڻ جي تصديق ڪئي آهي.

آءِ جي بلوچستان ڌماڪي جو اطلاع ملڻ بعد سيرينا هوٽل پهتو ۽ ڌماڪي واري علائقي جو پري کان جائزو ورتو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي بلوچستان راءِ طاهر چيو ته ، ڌامڪو هوٽل جي پارڪنگ ۾ ٿيو، وليس ۽ سيڪيورٽي فورسز هوٽل ۽ ڀرپاسي واري علائقي جو ڪڙو چاڙهي سرچنگ شروع ڪئي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي جون ٽيمون ڌماڪي واري هنڌ جو جائزو وٺي رهيون آهن، انهن جي رپورٽ اچڻ بعد ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو لڳائي سگهبو. آءِ جي بلوچستان چيو ته شروعاتي جاچ ۾ خبر پئي آهي ته ڌماڪو هڪ گاڏي ۾ رکيل ڌماڪيدار مادو ڦاٽڻ سبب ٿيو، جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڌماڪو ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو يا آپگهاتي هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *