Sunday , April 28 2024

ڪرونا سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، لاڪ ڊائون تي سختي به نه ٿي

سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي وبائي مرض ۾ مبتلا مريضن جو انگ 21سئو کان وڌي ويو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس سنڌ سميت سڄي ملڪ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي آهي، سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وبائي مرض ۾ مبتلا ٿي ويل ماڻهن جو انگ 2154 ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ مجموعي طور وڌيڪ 06 ڄڻن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ وڌي 124 ٿي ويو، 6 هزار 506 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا ۽ هڪ هزار 645 ڄڻا صحتياب ٿي ويا آهن. ڪورونا وائرس جا ڪيس ڌڙا ڌڙ ظاهر ٿي رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ 78 هزار 979 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 6 هزار 506 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ اڄ 201 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ اڄ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 206 آهي، جڏهن ته اڃا ڪجهه ماڻهن جون ٽيسٽون اچڻ باقي آهن. پنجاب ۾ اڄ وڌيڪ 6 ڄڻا ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ فوتين جو انگ 124 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 3 هزار 217، سنڌ ۾ هڪ هزار 668، خيبرپختونخواهه ۾ 912، بلوچستان ۾ 281، گلگت بلتستان ۾ 237، اسلام آباد ۾ 145، آزاد ڪشمير ۾ 46 ڄڻا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 41، پنجاب ۾ 34، خيبرپختونخواهه ۾ 42، بلوچستان ۾ 03، گلگت بلتستان ۾ 03 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ شخص فوت ٿي چڪو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *