Saturday , April 27 2024

ڪراچي ۾ سنجهورو واسي اکين جو ماهرڊاڪٽر قتل

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار ) ڪراچي ۾ لياري ايڪپريس وي ويجهو سنجهورو واسي اکين جو ماهر ڊاڪٽر قتل، ڊاڪٽرياڻي مرڻينگ، هٿياربندن فائرنگ ڪري ڊاڪٽر بيربل گيناڻي کي قتل ڪري ڀڄي ويا. گارڊن واري علائقي ۾ لياري ايڪپريس وي لنڪ وٽ موٽرسائيڪل سوار اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڪي ايم سي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي کي قتل ڪري ڇڏيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊاڪٽر بيربل سان گڏ ڪار ۾ موجود سندس اسسٽنٽ ڊاڪٽر قرت العين زخمي ٿي پئي. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل اکين جو ماهر ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جو لاش ۽ زخمي ٿيل ڊاڪٽرياڻي قرت العين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل سنجهورو واسي ڊاڪٽر بيربل ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي صحت واري شعبي جو ڊائريڪٽر به رهي چڪو هو، ڊاڪٽر بيربل ڏيڍ سال اڳ نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد پرائيويٽ پريڪٽس به ڪندو هو.

ڊاڪٽر بيربل کي قتل ڪرڻ ڪرڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به منظر تي اچي ويا آهن، فٽيجز ۾ هٿياربندن جي فائرنگ کانپوءِ سندس گاڏي ڀِت سان ٽڪرائجندي نظر اچي ٿي، پر فائرنگ ڪندڙ جوابدار نظر نه ٿا اچن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري جاءِ تان نائين ايم ايم پسٽل جا 4 خول مليا آهن، جيڪي فارنزڪ ٽيسٽ لاءِ ليبارٽري اماڻيي ڇڏيا آهن. ڊاڪٽر جي قتل جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڊاڪٽر بيربل گيناڻي پنهنجي نياڻي سپنا گيناڻي سان گڏ جناح ميڊيڪل ڪاليج مان پبلڪ هيلٿ اينڊ هاسپيٽل مئنيجمينٽ ۾ ايم بي اي جي ڊگري به حاصل ڪئي هئي، ڊاڪٽر بيربل پنهنجي نياڻي جي خواهش تي ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. اکين جي ماهر ڊاڪٽر بيربل کي ڌيءُ جو ڪلاس فيلو هجڻ جو منفرد اعزاز حاصل هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *