Sunday , April 28 2024

”سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 “ آهي ڇا؟

اسلام آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار ) وفاقي حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 ، ذريعي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان ڪنهن به معاملي بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ، ٻڌڻي لاءِ بئچ جوڙڻ وارا اختيار واپس وٺڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪي تجويزون / بل قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ بعد سينيٽ مان به منظوري ورتي ويندي، جنهن بعد بل حتمي منظوري لاءِ صدر عارف علوي کي اماڻيو ويندو، صدر بل منظور نه ڪيو ته واپس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري منظور ڪرايو ويندو جنهن بعد اُهو قانون بڻجي ويندو.

قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بل ۾ ڏنل تجويزن جَي متن موجب ٽن سينيئر ججز تي ٻڌل ڪميٽي پاڻمرادو نوٽيس بابت فيصلو ڪندي ۽ جيڪو معاملو بنيادي حقن بابت هوندو ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 رڪني بينچ جوڙي ويندي، پاڻمرادي نوٽيس جي فيصلي تي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق به حاصل هوندو، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 جي تجويزن موجب، پاڻمرادي نوٽيس تي عدالت جي فيصلي خلاف اپيل 14 ڏينهن اندر لازمي طور ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيندي.

سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 جي منظوري ۽ قانون بڻجڻ کانپوءِ، سپريم ڪورٽ جَي چيف جسٽس وٽ اڪيلي سِر پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار نه رهندو. پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي ٽِن سينيئر ججز تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي، اها ڪميٽي سمورا فيصلا اڪثريت راءِ جي بنياد تي فيصلا  ڪرڻ جي پابند هوندي، بل جي متن مطابق پاڻمرادو نوٽيس جي معاملي جو پهريان ٽَي رڪني ڪميٽي جائزو وٺندي، ڪميٽي بنيادي حقن جو معاملو سمجهندي ته ٻڌڻي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ3رڪني بئنچ جوڙيندي، بئنچ جي فيصلي خلاف30ڏينهن اندر اپيل داخل ڪرائي سگهبي. اپيل کي لارجربئنچ آڏو14ڏينهن اندر پيش ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل188تحت اپيل داخل ڪرائيندڙکي مرضي جو وڪيل ڪرڻ جو حق هوندو، ڪنهن به ڪيس يا عارضي رليف جِي درخواست14ڏينهن اندر ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي ويندي. تجويز ڪيل بل ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 188 ڪنهن به ٻئي قانون، قائدي ۽ ضابطي باوجود لاڳو هوندو، ايڪٽ جا قلم سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ سميت ڪنهن به عدالتي فيصلي تي اثراندز ٿي سگهندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *