Saturday , April 27 2024

ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جي پٽ تي حملي جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر      سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج گلزار احمد جي پٽ تي حملي جي ڪوشش واري واقعي جي ايف آءِ آر ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪوررنگي ٻڌايو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدارن سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جي پٽ سعد گلزار جي گاڏي کي هٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. نعمان صديقي چيو ته فهد جي محافظ جوابدرن تي فائرنگ ڪري ڏني.، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ايس ايس پي چيو ته جسٽس گلزار احمد جي پٽ تي فائرنگ واري واقعي جي ايف آءِ آر ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي 3 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪري گرفتاري لاءِ ڪوشش جاري آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *