Monday , April 29 2024

پي ٽي آءِ چيئرمين زمان پارڪ مان بغير ڪنهن مزاحمت جي گرفتار، اڊيالا جيل منتقل

لاهور/ اسلام آباد ( خاص نمائندا سنڌ سماچار) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي لاهور پوليس جي موجودگي ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ جي جج جي عدالت پاران توشاخانا ڪيس ۾ 3 سال قيد، 5 سالن لاءِ  نااهل قرار ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ اسلام آباد ۽ لاهور پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي سندس لاهور واري گهر زمان پارڪ مان گرفتار ڪري ورتو. پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو، جتي سندس طبي معائنو ڪرڻ بعد راهداري تحويل واري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري کيس ڪوٽ لکپت جيل کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنجاب پوليس جي مدد سان اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو، قانوني ڪارروائي بعد پي ٽي آءِ چيئرمين کي اسلام آباد پوليس پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي، پي ٽي آءِ  چيئرمين کي اڊيا جيل انڪري منتقل ڪيو ويندو ڇو ته سندس خلاف توشاخانا ڪيس اسلام آباد ۾ داخل ٿيل هو، جيڪو اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ هليو ۽ اتي ئي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو، آهي، قانوني طور کيس اڊيالا جيل ۾ ئي رکڻو پوندو، پر جيڪڏهن حڪومت پاران امن امان يا سيڪيورٽي سميت ڪي به جواز ڄاڻائي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪوٽ لکپت جيل ۾ ئي رکي سگهجي ٿو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *