Sunday , April 28 2024

سرهاڙي ڀرسان ريل گاڏي سان هانءُ ڏاريندڙ حادثو، 40 مسافر فوت، 150 زخمي

نوابشاهه / شهدادپور( خاص نمائندا  سنڌ سماءَچار) سرهاڙي ويجهو ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ ريل گاڏي سان هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت هزارا ايڪسپريس سان هانءُ ڏاريندڙ حادثو، 40 مسافر اجل جو شڪار، ڏيڍ سئو کان وڌيڪ عورتون، مرد ۽ ٻارڙي زخمي، اڪثر زخمين جي حالت به ڳڻتي جوڳي، آچر ڏينهن ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ هزارا ايڪسپريس نوابشاهه ويجهو سرهاڙي واري علائقي ۾ حادثي جو شڪار بڻجي وئي، حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت ش مسافر موت جو کاڄ بڻجھي ويا. حادثي کانپوءِ علائقي ۾ ٻني ٻاري جو ڪم ڪندڙ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن موبائل فونز ذريعي ٻين ماڻهن کي گهرائي انتظاميا، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي به اطلاع ڪيو، پر لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ تائين سندن مدد لاءِ ڪير به نه پهتو، علائقي واسين حادثي سبب ڪلٽي ٿي پيل ريل جي 10 بوگين مان فوتين جا لاش، زخمين ۽ ٻين مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو. جنهن بعد ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون.

علائقي واسين پاران ريل حادثي جي زخمين ۽ ٻين مسافرن لاءِ کاڌي خوراڪ جو بندوبست

ريل گاڏي جي حادثي ۾ فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي نوابشاهه، سرهاڙي ۽ ڪامل ڪيريو جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، جتان لاش ۽ اڪثر ززخمين کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. نوابشاهه اسپتال جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪثر زخمين جي حلت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. حادثو کانپوءِ نوابشاهه ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن پاران پاڻمرادو اسپتال پهچي زخمين لاءِ هڪ هزار کان وڌيڪ رت جي بوتلن جو عطيو ڏنو. حادثي بعد لاڳو، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي هدايت تي پاڪ فوج ۽ رينجرز جون امدادي ٽيمون به واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو، وڏو وزير مراد علي شاهه حادثي واري هنڌ ۽ نوابشاهه اسپتال پهچي  امدادي ڪارواين جو ورتو، اسپتال ۾ ٽرين حادثي جي زخمين جي عيادت به ڪئي، وڏي وزير چيو آهي ته زخمين کي بهتر طبي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، ضرورت پوڻ تي زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو، ٽرين حادثي بعد حادثي بعد اپ ٽريڪ بحال نه ٿيڻ جي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *