Sunday , April 28 2024

اليڪشن مقرر وقت تي ٿينديون يا نه؟ فيصلو اڄ 5 آگسٽ تي ٿيندو يا نه؟

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊون مقرر وقت ٿيڻ  وارو معاملو شڪي بڻجي ويو، عام چونڊون مقرر ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت فيصلو 5 آگسٽ تي رات ديرتائين ٿي ويندو، جنهن لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي. ملڪ جي موجوده حڪومت/ اسيمبلين جو آئيني مدو 12 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو، ان کان اڳ ۾ ئي ايندڙ عام چونڊون مقرر ٿيڻ تي شڪ پيدا ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڌريون ايندڙ عام اليڪشن 6 کان 8 مهينا اڳتي کڻي وڃڻ چاهين ٿيون، جنهن لاءِ گذريل ڊجيٽيل آدمشماري جي حتمي نتيجن جو اعلان ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، جنهن بعد اها آئيني مجبوري ٿي ويندي ته اليڪشن کان اڳ ۾ سڄي ملڪ اندر نيون تڪبنديون ڪيون وڃن.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اڄوڪي اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جا حتمي نتيجا منظوور ڪري لاڳاپيل وزارت پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني ويندي، جنهن بعد سومر يا اڱاري تي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس سڏائي آدمشماري جي نتيجن کي نظر ۾ رکندي نين تڪبندين ۽ مقرر وقت تي اليڪشن ڪرائڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ان فارمولا جي حمايت ڪري چڪا آهن، ان ئي سلسلي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جمعي ڏينهن دبئي مان سڌو اسلام آباد پهچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ان سلسلي ۾ شهباز شريف ۽ آصف زرداري، پ پ ۽ ن ليگ جي ڪجهه سينيئر اڳواڻن وچ ۾ تفصيلي ڳالهه به ٿي، ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق نواز شريف به ٽيلفونڪ رابطي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، حتمي فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ ۾ نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻن اهم طاقتور شخصيتن وچ صلاح مشورا ڪيا ويندا، جنهن جي روشني ۾ ئي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *