Sunday , April 28 2024

پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا، ايس يو پي جو ڌرڻو جاري، آچر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 16هين اپريل آچر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا: سيد زين شاهه

ڪشمور / ڪراچي( خاص نمائندو / چيف رپورٽر آفاق ڀٽي) پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۽ سندس قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ايس ايس پي ڪشمور جي آفيس آڏو لڳل ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي، ايس ايس پي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيستائين پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيندا ايستائين سندن ڌرڻو جاري رهندو، ايس يو پي پاران آچر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي پٺڀرائي ڪندڙ سهولتڪار سنڌ حڪومت ۾ ويٺل آهن، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. ڌرڻي تي ويٺل ايس يو پي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ شهري جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪندا رهن ٿا.

ڪراچي مان سنڌسماءَچار جي چيف رپورٽر آفاق ڀٽي جي اپڊيٽ

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران آءِ بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف 16 اپتريل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي. ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته، پروفيسر اجمل ساوند جو قتل هڪ شخص نه پر هڪ اداري ۽ سنڌ جي علم ۽ شعور جو قتل آهي، جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي. سيد زين شاهه چيو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف ايس ايس پي مسلسل احتجاج ڪري رهي آهي، ڪشمور ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن کي چار ڏينهن ٿيڻ وارا آهن، پر ڪنهن به ذميوار آفيسر هيل تائين ان احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو. زين شاهه چيو آهي ته پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران 16هين اپريل آچر ڏينهن  سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن کي احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *