Monday , April 29 2024

پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ وچ ۾ سڌو ٽڪراءُ

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل واري معاملي تي پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ سڌي ٽڪراءَ ۾ اچي ويا، قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ گڏيل پارليامينٽ پاران منظور ڪيل عدالتي سڌارن واري بل تي عملدرآمد کان روڪڻ واري حڪم کانپوءِ آئين ٺاهيندڙ ۽ آئين تي عمل ڪندڙ ادارن ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي، قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ جي فيصلکي خلاف ٺهراءُ به منظور ڪري ورتو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 8 رڪني بئنچ هڪ شهري جي درخواست تي عدالتي سڌارن وڌيڪ عمل ڪرڻ خلاف حڪم جاري ڪري چڪي آهي، پنجاب ۾ چونڊن واري معاملي تي به سپريم ڪروٽ جي حڪم کانپوءِ معاملو وڌيڪ الجهڻ لڳا آهن.

14 اپريل جمعي ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾، قومي اسيمبلي، گڏيل پارليامينٽ مان منظور ڪيل سپريم ڪورٽ پروسيجر اينڊ رولز بل تي سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪم کي رد ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي؛ سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني لارجر بينچ جي اسٽي واري فيصلي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي. پيپلزپارٽي جي ايم اين اي علي موسيٰ گيلاني ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته پارليامينٽ مان منظور ڪيل بل قانون ئي ناهي بڻيو، ان تي تڪڙ ۾ اسٽي جاري  ڪري ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ضرب لڳائي وئي، ايوان وفاقي حڪومت کي هدايت ڪري ٿو ته عدالتي فيصلي جو جائزو وٺي قدم کنيا وڃن، ايوان ۾ ديا مر ڀاشا ڊيم جي رقم ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪرڻ وارو ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *