Saturday , April 27 2024

وفاقي ڪابينا جو آئيني اداري ارسا تي وار، وفاق، سنڌ ۽ پنجاب جا ميمبر هٽائڻ جو فيصلو

ارسا کي پارليامينٽ جي ايڪٽ XXII of 1992 تحت قائم ڪيو ويو

ارسا ايڪٽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظور ڪيو جيڪو پارليامينٽ منظور ڪيو هو

اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) وفاقي ڪابينا آئيني اداري انڊس رور اٿارٽي سسٽم ( ارسا) جي ٽن ميمبرن کي هٽائڻ جي منظوري ڏيندي ايڪٽ ۾ ترميم جي به تياري ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ 19 مئي تي ٿيل اجلاس ۾ ۾ ڪابينا ارسا جي وفاق، سنڌ ۽ پنجاب جي ميمبرن کي هٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ سماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي وزير فيصل واوڊا ڪابينا آڏو هڪ سمري پيش ڪئي، جنهن موجب سنڌو درياهه تي پاڻي جي ورڇ لاءِ ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ ۾ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر سيد مظهر شاهه، پنجاب جي ميمبر رائو ارشاد ۽ وفاق جي نمائندي اسجد امتياز علي پاران سُسِتي جو الزام لڳائي کين هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي. ذريعن موجب ڪابينا جي اجلاس ۾ موجود هڪ اهم عملدار کان وزيراعظم ان بابت پڇيو جنهن تي ان کيس ها ۾ ورندي ڏني، جنهن به ب عد وزيراعظم عمران خان ٽنهي ميمبرن کي هٽائڻ جي منظوري ڏني.

انڊس رور سسٽم اٿارٽي ( ارسا ) کي هڪ پارليامينٽ جي ايڪٽ نمبر XXII of 1992، جيڪو ان وقت جي صدر منظور ڪيو هو، جنهن بعد اهو قانون بڻجي ويو، اهڙي طرح ان ايڪٽ تحت ئي ارسا وجود ۾ آيو، اهڙي ئي نموني سان ارسا کي هڪ آئيني اداري جي حيثيت حاصل آهي، جنهن جي ڪنهن ميمبر کي هٽائڻ جو وفاقي ڪابينا کي اختيار ئي ناهي، پر وزيراعظم عمران خان وفاقي وزير فيصل واووڊا پاران پيش ڪيل سمري منظور ڪندي ارسا جي ٽن ميمبرن کي هٽائڻ جي منظُوري ڏياري ڇڏي. ارسا ۾ صوبن جا نمائندا صوبا پاڻ نامزد ڪري نالا وفاق کي اماڻيندا آهن جن کي وفاق مقرر ڪندو آهي، ان کي مقرر مدي کان اڳ نه ٿو هٽائي سگهجي.

ان سلسلي ۾ آئيني ۽ قانوني ماهر الله بخش لاشاري ( اي بي لاشاريري) رابطي ڪرڻ تي سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته، پارلياماني ايڪٽ تحت قائم ڪو به ادارو آئيني ادارو هجي ٿو ان کي وفاقي ڪابينا جي سادي فيصلي سان ڪا به ڦيرگير يا ان جي ڪنهن به ميمبر کي هٽائي نه ٿو سگهجي، اي بي لاشاري سنڌسماءَچار سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي ڪابينا جو اهڙو فيصلو غير آئين ۽ غير قانوني آهي، جيڪو عدالت ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪو به شهري يا متاثر ٿيندڙ ڌرين مان ڪو عدالت جو در کڙڪائيندو ته وفاقي ڪابينا جو فيصلو ڪالعدم ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ارسا جي ڪنهن به ميمبر کي واڳيل صوبي جي مرضي کانسواءِ وفاق پاڻمرادو ڪو به فيصلو نه ٿهو ڪري سگهي.

بلاول ڀٽو زرداري کانپوءِ پيپلز لائرز فورم به “ڪراچي اور سنڌ ” جو راڳ ڳائڻ لڳو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *