Saturday , April 27 2024

چانڊڪا اسپتال ۾ 2 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن، اي ايم ايس ڊاڪٽر اعجاز شيخ گرفتار

لاڙڪاڻو (سنڌسماءَچار نيوز) ايف آءِ اي چانڊڪا اسپتال اسپتال جو اي ايم ايس ڊاڪٽر اعجاز شيخ کي ڪرپشن الزامن هيٺ گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ مريضن لاءِ مهانگيون دوائون وڪرو ڪري خزاني کي 2 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ نقصان پهچايو ويو.

ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب چانڊڪا اسپتال جي اي ايم ايس ۽ اسٽور انچارج اعجاز شيخ کي ڪالهه ايف آءِ اي ڪراچي جي ٽيم گرفتار ڪري کڻي وئي. ايف آءِ اي عملدارن موجب هُو گذريل ڪجج ڏينهن کان لاڙڪاڻي ۾ موجود هئا ۽ چانڊڪا اسپتال لاءِ 20152015 دوران آيل مهانگين دوائن جي وڪرو ٿيڻ بابت مليل شڪايتن بابت وڌيڪ معلومات هٿ ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2015ع ۾ اينٽي بائيٽڪ انجيڪشنز سميت مختلف مرضن لاءِ دوائن جا 80 ڪارٽون گم ڪيا ويا، انهن قيمتي دوائن جي جاءِ تي ساديون انجيڪشنون ۽ دوائون رکيون ويون. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر اعجاز شيخ کي پڇاڳاڇا لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر اعجاز شيخ کان پڇاڳاڇا دوران وڌيڪ اهم انڪشاف سامهون اچڻ وارا آهن.ان سلسلي ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس سيد محبوب شاهه رابطي تي اعجاز شيخ جي گرفتاري بابت کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *