Monday , April 29 2024

بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي شهرن ۾ گند هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو

لاڙڪاڻو (رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اعتراف ڪيو آهي ته لاڙڪاڻي شهر وانگرن سنڌ جي سمورن شهرن ۾ به وڏو گند آهي جيڪو صاف ڪنداسين، اسان 27 فيبروريءَ تي اسلام آباد جو به گند صاف ڪرڻ وينداسين. لاڙڪاڻي شهر جي صفائي لاءِ چيني ڪمپني سان گڏجي شروع ڪيل منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته، لاڙڪاڻي ۾ گند هو هاڻي سنڌ حڪومت ۽ چيني ڪمپني گڏجي ان کي صاف ڪنديون، گند ڪچرو صاف ڪرڻ لاءِ عوام جو سهڪار به ضروري آهي. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، لاڙڪاڻي وانگر ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ به وڏو گند آهي، جتي به صفائي شروع ڪنداسين. هن چيو ته اسان 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين ۽ اسلام آباد ۾ حڪمرانن جو گڏ ٿيل ڪچري جو صفايو ڪنداسين، حڪمرانن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آھي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه سازشي موجود آهن، سازشين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو ۽ توهان پنهنجو ڪم ڪري. پ پ عوام جي خدمت جاري رکندي، چيو ته شهري چيني ڪمپني سان گڏجي ڪم ڪندا ته شهر صاف سُٿرو رهندو، اسان پنهنجي شهر کي صاف نه رکنداسين ته ٻيو ڪير رکندو؟، ھن چيو تھ غريب عوام کي وڌيڪ تباھ ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *