Sunday , April 28 2024

ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ آر اوز، اي آر اوز سميت سيڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري

اسلام آباد ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته عام چونڊن دوران سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جا 16 لک عملدار مقرر هوندا، 3 لک 71 هزار فوجي جوان اليڪشن ۾ ڊيوٽيون ڪندا، 4 لک 49 هزار 465 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، پولنگ دوران 2 اهلڪار اندر ۽ 2 ٻاهران ڊيوٽي ڪندا. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ عملي ۽ سڪيورٽي عملي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.  اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 16 لک پولنگ عملو ڊيوٽيون سرانجام ڏيندو.

سڄي ملڪ ۾ 85 هزار 307 پيزائڊنگ آفيسر، 5 لک 10 هزار 356 اسسٽنٽ پيزائڊنگ آفيسر ۽ 2 لک 55 هزار 178 پولنگ آفيسر ڊيوٽون سرانجام ڏيندا. پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 48 هزار 610 پريزائيڊنگ آفيسر، 2 لک 81 هزار 62 اسسٽنٽ پريزائڊنگ آفيسر، هڪ لک 40 هزار 534 پولنگ مقرر ڪيا ويندا. سنڌ ۾ 17 هزار 747 پرزائڊنگ آفيسر ، هڪ لک 22 هزار 204 اسسٽنٽ پرزائڊنگ آفيسر، 61 هزار 102 پولنگ آفيسر ڊيوٽيون ڪندا. ڪي پي ۽ فاٽا ۾ 14 هزار 530 پرزائڊنگ آفيسر، 83 هزار 692 اسٽنٽ پرزائڊنگ آفيسر، 41 هزار 846 پولنگ آفيسر خدمتون سرانجام ڏيندا.  بلوچستان ۾ 4 هزار 420 پرزائڊنگ آفيسر، 23 هزار 398 اسسٽنٽ پزائڊنگ آفيسر ۽ 11 هزار 699 پولنگ آفيسر مقرر ڪيا ويندا. سڄي ملڪ ۾ 131 ڊي آر اوز مقرر ڪيا ويندا، قومي اسيمبلي لاءِ 272  آر اوز، 6 سئو اي آر اوز مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته صوبائي اسيمبلين لاءِ 577 ريٽرننگ آفيسر، 1140 اي آر اوز مقرر ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *