Saturday , April 27 2024

سينئر صحافي مدثر ڪلهوڙو بيماري وگهي اسپتال داخل،ڪنهن سار نه لڌي

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سکر جي سينيئر صحافي مدثر ڪلهوڙي کي پيٽ ۾ ڳوڙهين جي تڪليف سبب جناح اسپتال جي آئي سي يو ميڊيڪل وارڊ ۾  داخل ڪيو ويو آهي، سڌ سماءَ واري کاتي سميت ڪنهن به اختياري سندس سار ناهي لڌي. سکر سان واسطو رکندڙ سينيئر صحافي مدثر ڪلهوڙي کي پيٽ ۾ ڳوڙهين سبب جناح اسپتال جي آءِ سي يو ميڊيڪل وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. مدثر ڪلهوڙو گذريل ٻن ڏينهن کان اسپتال ۾ داخل آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.

جناح اسپتال جي ڊاڪٽرز موجب صحافي مدثر ڪلهوڙي جون ٽيسٽون ٿينديون، جنهن بعد سندس باقاعده علاج شروع ڪيو ويندو. صحافي مدثر ڪلهوڙو جسم ۾ لڳاتار رت جي کوٽ سبب جسماني طور ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهي، جنهن ڪري کيس هلڻ گهمڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ٿي رهي آهي. واضح رهي ته سينئر صحافي مدثر ڪلهوڙو گذريل 15 سالن کان صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ هن صحافتي ڪيريئر دوران اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪم ڪيو آهي. مدثر ڪلهوڙي جي اسپتال ۾ حڪومتي،  توڙي ٻين ادارن ڪا به سار سنڀال ناهي لڌي. سنڌ جي سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سينيئر صحافي جو علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *