Saturday , April 27 2024

ڪي پي ڪي سان واسطو رکندڙ رقيب خان ارسا جون نئون چيئرمين مقرر

ارسا چيئرمين شيرزمان خان جي چيئرمين شپ جو مدو ختم، رقيب خان نئون چيئرمين مقرر

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا ) و چيئرمين شيرزمان جو مدو ختم ٿي ويو، خيبرپختونخوا سان واسطو رکندڙ رقيب خان نئون چيرمين مقرر، چارج به وٺي ڇڏي. بلوچستان سان واسطو رکندڙ ارسا جي چيئرمين شيرزمان خان جي چيئرمين شپ جو مدو 18هين آڪٽوبر تي ختم ٿي ويو هو، جنهن بعد ڪي پي ڪي سان واسطو رکندڙ رقيب خان کي ارسا جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. رقيب خان ارسا جي چيئرمين طور عهدي جي چارج به سنڀالي ورتي آهي. بلوچستان سان واسطو رکندڙ شيرزان خان ويندي ويندي تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي بجلي گهر اڏڻ لاءِ اين او سي به جاري ڪري ويو هو، جنهن جي سنڌ پاران سخت مخالفت ڪئي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *