Sunday , April 28 2024

سنڌ پوليس؛ پيپلزپارٽي ۽ سردارن آڏو بيوس بڻيل، شهيد اجمل ساوند جا قاتل گرفتار نه ٿيا

عرفان سمون جي ڪشمور مان بدلي ۽ شبير سيٺار جي ٽِن مهينن تي موڪل ڪرڻ جو شهيد پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل يا سهولتڪار گرفتار ڪرڻ واري ڪوشش سان ڪو واسطو ناهي

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي شهيد پروفيسر شهيد اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجي وئي، سنڌ پوليس به سنڌ حڪومت، پ پ ۽ سردارن جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، ايس ايس پي ڪشمور قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي بدران ذاتي مصروفيتون ڄاڻائي ٽِن مهينن جي موڪل تي روانو.

ڪشمور ويجهو قبيلائي دهشتگردي جو کاڄ بڻجي ويل آءِ بي اي سکر جي پروفيسر شهيد اجمل ساوند جي قتل کي 28 ڏينهن گذرڻ باوجود سنڌ پوليس قاتلن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، سنڌ پوليس؛ سنڌ حڪومت، پيپلزپارٽي ۽ ڪشمور جي سردارن آڏو لاچار بڻجي وئي آهي. سنڌ پوليس شهيد اجمل ساوند جي قتل بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد قاتلن جي گرفتاري جي بهاني سان ڪچي سميت ڪجهه علائقن ۾ ڪارروايون ڪري شڪ جي بنياد تي شهيد اجمل ساوند جي قتل جي الزام هيٺ آيل قبيلائي دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن  جي گهرن تي چڙهايون ڪري سندن گهرن کي باهيون ڏئي گم ٿي وئي آهي، شهيد اجمل ساوند جي قتل کانپوءِ ڪشور ضلعي خاص طور تي ڪچي واري علائقي ۾ قاتلن سميت ٻين ڏوهارين جي آپريشن  جي بهاني تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري چُڪي آهي پر هيل تائين سواءِ سکڻ بيانن ۽ ڪاررواين جي نالي تي فنڊز استعمال ڪرڻ جي ڪجهه به ناهي ڪيو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران معاملي جي سُڌ لهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سُڌ لهڻ دوران آءِ جي آفيس ڪراچي جي هڪ اهم ذميوار نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته؛ ” سنڌ حڪومت، ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه سان لاڳاپيل ايم پي ايز، وزيرن ۽ پيپلزپارٽي ۾ شامل ڪشمور ۽ شڪارپور جا سردار شهيد اجمل ساوند جا قاتل گرفتار ڪرڻ  ۾ رنڊڪ بڻيل آهن”. سنڌ پوليس جي ان ذميوار عملدار جپ چوڻ آهي ته شهيد اجمل ساوند جي قتل ۾ ملوث مُک جوابدار، سندراڻي برادري جي سردار جي پناهه ۾ آهي”. سنڌسماءَچار پاران پڇيل ان سوال ته؛ ڇا مک جوابدار ڪشمور، شڪارپور يا ڪراچي ۾ لڪيل آهي؟ جي جواب ۾ ان پوليس عملدار دعويٰ ڪندي چيو ته 27 رمضان تائين مُک جوابدار ڪراچي جي گلشن اقبال، گلشن حديد ۽ ڪلفٽن وارن علائقن ۾ ترسيل هو، عيد تي يا عيد کان پوءِ ڪراچي مان هليو ويو هو، هاڻي امڪان آهي ته کيس بلوچستان طرف ڪڍيو ويو آهي”.

ايس ايس پي عرفان سمون کي ڪشمور مان ڇو بدلي ڪيو ويو؟ شبير سيٺار کي زبردسي موڪلي تي روان و ڪيو ويو آهي يا پاڻ موڪل تي ويو آهي؟ بابت سي پي او ۾ مقرر ان ذميوار پوليس آفيسر سنڌ سماچار کي ٻڌايو ته؛ “عرفان سمون ۽ شبير سيٺار بابت جيڪي ڳالهيون هلندڙ آهن ته اُهي جوابدارن يا سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ چاهين پيا انڪري عرفان سمون کي بدلي ۽ شبير سيٺار کي موڪلم تي روانو ڪيو ويو آهي؛ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي انهن جي بدلي يا موڪل تي وڃڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري واري معاملي سان ڪو به واسطو ناهي”.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *