Sunday , April 28 2024

ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ نيلامي جا اشتهار، سنڌ حڪومت کي وڏو جهٽڪو

حيدر آباد (سنڌسماءَچار نيوز) ڪارونجهر جي ڪٽائي لاءِ نيلامي جا اشتهار جاري ڪرڻ تي سنڌ حڪومت کي وڏو جهٽڪو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو، ليزون به جاري نه ڪرڻ جي هدايت، عدالت سنڌ حڪومت کان ڪارونجهر بابت جاري ڪيل سمورا نوٽيفڪيشنز به طلب ڪري ورتا. سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهن جبل مان گرينائيٽ ۽ ٻيون معدني شيون ڪڍڻ لاءِ ليز ڏيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدر آباد ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران معدني وسيلن واري کاتي جي عملدارن پاران عدالت کي اڌوري معلومات ڏيڻ ۽ عدالت کي گمراهه ڪرڻ تي عدالت مٿن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته ڪارونجهر جِي ڪٽائي ۽ ليز سميت جاري ڪيل سمورا نوٽيفڪيشن ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪري مڪمل رپورٽ ڏني وڃي.

هاءِ ڪورٽ بار پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف 4 آگسٽ تي احتجاج جو اعلان

سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئشن حيدر آباد پاران ڪرونجهر جي ڪٽائي لاءِ نيلامي ڪرڻ خلاف 4 آگسٽ تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته، حيدرآباد بار پاران ڪارونجهر معاملي تي چوٿين آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائي احتجاج طور عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *