Sunday , April 28 2024

حيدرآباد ۾ 130 ماڻهو ڪرونا جي وبا ۾ مبتلا، سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

حيدرآباد جي اڌو واهه روڊ، نسيم نگر، سٽيزن ڪالوني، ڏيپلائي ڪالوني، ڀٽائي نگر ۽ ڀٽائي ٽائون سميت مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

حيدرآباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر ۽ ڪاروباري مرڪز حيدرآباد ۾ ڪرونا جي وبا تيزي سان وڌڻ لڳي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 130 وان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد اڪثر علائقن ۾ اڄ کان سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو و يو آهي. ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حيدر آباد جي 6 يونين ڪائونسلز جا 17 کان وڌيڪ علائقا ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ متاثر ٿيا آهن جتي ڪرونا جا گهڻا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، لاڪ ڊائون اڄ کان پنج ڊسمبر تائين لاڳو رهندو ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد لاڪ ڊائون کي ختم يا جاري رکڻ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن موجب قاسم آبا، گلستان سجاد، ڀٽائي نگر، ڀٽائي ڪالوني ۽ نسيم نگر ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. قاسم آباد، سٽيزن ڪالوني، واڌو واهه روڊ، ڏيلائي ميمڻ ڪالوني، ۾ به اڄ کان 5 ڊسمبر تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊي سي جي نوٽيفڪيشن موجب سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن سميت سموري شهر ۾ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو، خلاف ورزي ڪندڙڻ خکاف ڪارروائي ٿيندي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *