Thursday , April 25 2024

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکا رام ديو راجاڻي جي راضپي سان پرو وي سي کي سمورن عهدن جون چارجز ڏنيون ويون آهن: لمس جا ذريعا

لمس جي 25 کان وڌيڪ ليبارٽريز جي 5 کان 11 سيڪڙو آمدني رڪارڊ ۾ شامل ئي ناهي ٿيندي: ذريعا

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ( ايل يو ايم ايڇ ايس / لمس) جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکا رام ديو راجاڻي ۽ پرووائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي، اڪرام الدين اڄڻ پيپلز نرنسگ اسڪول،ڪاليج آف فارميسي، انسٽيٽيوٽ فزيوٿراپي اينڊ ريهيبليٽيشن سائينسز، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ، ايڊيٽر جنرل سميت 17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل، ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي اهم شخصيت جو منظور نظر پرو-وي سي اڪرام الدين اڄڻ، پهريان فيصلا ڪري انهن تي عمل ڪرائڻ کانپوءِ وي سي خاناپوري لاءِ منظوري وٺندو آهي، غيرقانوني ڀرتيون به ڪيون آهن، پرو وي سي يونيورسٽي ۾ اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل.

سنڌ جي انتهائي اهم ميڊيڪل يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (لمس) انتظامي حوالي سان هڪ ئي شخص وٽ يرغمال بڻيل آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌسماءَچار کي لمس جي اهم عهدن تي هڪ ئي شخص جي قابض هجڻ جي ڄاڻ ملي  ته معاملي بابت انتهائي اهم انڪشاف ٿيا آهن. سنڌسماءَچار کي انتهائي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق لم جو پرو-وي سي پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ کي لمس  جي 17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جون چارجز ڏنيون ويون آهن، جن جا مالي معاملن سميت سموران مامرا هُو پاڻ ئي ڏسندو آهي. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ مطابق اڪرام الدين هڪ ئي وقت 17 کان وڌيڪ عهدن تي مقرر آهي، جيڪي هڪ نوٽيفڪيشن ۾ موجود آهن، ان کانسواءِ ٻين ڪيترن ئي شغبن جون چارج پرو-وي سي  وٽ آحن، جن جا انچارج ٻيا آهن، اُهي به هن جي منظوري کانسواءِ ڪو به ڪم ناهن ڪري سگهندا.

پروفيسر اڪرام الدين اڄڻ ڊين آف بيسڪ ميڊيڪل سائنسز، ڊين آف فارميسي، ڊائريڪٽر اڪيڊمڪ  آهي ته ساڳئي وقت هيڊ آف ليبارٽريز جي به چارج هن وٽ ئي آهي، جنهن جي هر مهيني ڪروڙين رپين جي آمدني آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته لمس جي ليبارٽريز جي 5 کان 11 سيڪڙو رڪارڊ تي ظاهر ناهي ڪئي ويندي.

پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ وٽ انشٽيٽيوٽ آف ڊينٽيسٽري، هاسٽل پرووسٽ ( بوائز انيڊ گرلز)، ڊائريڪٽر / پرنسپل پيپلز نرنسگ اسڪول، ڪاليج آف فارميسي، انسٽيٽيوٽ فزيوٿراپي اينڊ ريهيبليٽيشن سائينسز، جون به چارجز آهن، کيس اهڙيون ذميواريون حوالي ڪرڻ بابت هڪ نوٽيفڪيشن ۾ واضح طور ڄاڻايل آهي ته اڪرام الدين اڄڻ ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئرز، ڊائريڪٽر اسپورٽس، ٽرانسپورٽ جون چارجز به وٽس هونديون.

لمس جو پرو وي سي پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ڊائريڪٽر بلاول ميڊيڪل ڪاليج فار بوائز انسٽيٽيوٽ آف بائيو ميڊيڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالوجي، بلاول ميڊيڪل ڪاليج فار بوائز به آهي، نوٽيفڪيشن مطابق، اسٽيٽ اينڊ ليگل ميٽر (لا آفيس)، آل انسٽيٽيوٽ (ايڊمنسٽريشن پروبلمس) هيلٿ اشورنس سيل، ڊپارٽمينٽ آف ميڊيڪل ايجوڪيشن، ڪئمپس ايڊمنسٽريٽر اينڊ سيڪيورٽي، انڊر گريجوئيٽ اسڪل ليباريٽري، سينٽرل لائبريري انسپيڪٽوريٽ آف ڪاليجز، ميٽرس پيرٽيننگ ٽو لمس آفيسرز ويلفيئر ايسوسيئيشن ، ميٽرس پرٽيننگ ٽو لياقت يونيورسٽي اسٽاف ويلفيئر ايسوسيئيشن جو به انچارج  آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ وٽ هڪئي وقت 17 کان وڌيڪ عهدن جون چارج هجڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ بابت جڏهن لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکا رام ديو راجاڻي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ سان فون تي رابطو ڪيو ويو ته، انهن فون اٽينڊ نه ڪئي، جنهن کانپوءِ کين موبائل تي ٽيڪسٽ ميسيج ۽ واٽس ايپ ميسيجز ڪري به پنهنجو موقف ڏيڻ جو چيو ۽ سندن جواب جو 24 ڪلاڪن کان وڌيڪ جو وقت گذرڻ باوجود ڪو به جواب نه مليو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *