Sunday , April 28 2024

اين ايف سي لاءِ جوڙيل ڪميشن غير آئيني ۽ قانوني آهي: مراد علي شاهه

ناڻي وارو صلاحڪار مالياتي ڪميشن جو سربراهه يا ميمب ر نه ٿو ٿي سگهي: وڏو وزير

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت ڏهون مالياتي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت پاران جوڙيل ڪميشن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ناڻي بابت صلاحڪار ڪميشن جو سربراهه ٿيڻ جي اهل ناهي، اهڙو عمل غير آئين ۽ غيرقانوني آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي حڪومت پاران ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي سربراهي ۾ جوڙيل مالياتي ڪميشن تي اعتراض واريندي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته، ناڻي وارو صلاحڪار ڪميشن جو ميمبر يا سربراهه نه ٿو ٿي سگهي، صوبن جَي ميمبرن جي مقرري به غلط ڪئي وئي آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم خان کي لکيل خط ۾ چيو ته آئين تحت اين ايف سي ايوارڊ ڪميشن جوڙڻ صدر جو حق آهي ۽ صدر ڪميشن جَي ميمبرن بابت گورنرز ۽ وڏن وزيرن سان مشاورت بعد صوبن جا ميمبر مقرر ڪرڻ جِي منظوري ڏيندو آهي.خط ۾ وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ لاءِ جوڙيل ڪميشن ۾ صوبن جَي ميمبرن جي مقرري غلط ڪئي وئي آهي، قانونن تحت ناڻي وارو صلاحڪار ڪميشن جِي سربراهي نه ٿو ڪري سگهي، نه ئي ڪميشن جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *