Saturday , April 27 2024

گهوٽڪي- ڪنڌڪوٽ پل جو نقشو تبديل ڪرڻ خلاف احتجاجي تحريڪ شروع

ڪنڌڪوٽ (ڊسٽرڪٽ رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌو درياءَ تي گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل ٺاهڻ واري منصوبي جي نقشي / ڊزائن ۾ تبديلي خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، ” ڪنڌڪوٽ-گهوٽڪي پل بچايو ڪميٽي“ جوڙي احتجاج جي شروعات ڪئي وئي آهي. سياسي سماجي ڪاروباري ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پل جي ڊزائن تبديل ڪرڻ خلاف ڪنڌڪوٽ ۾  شهر جي دل گهنٽا گهر چوڪ تي وڪيل عبدالغني بجاراڻي، سماجي ورڪر شير محمد سهرياڻي، ليبر يونين اڳواڻ طارق خان باجڪاڻي، قومي امن ڪاميٽي جي رحمت الله چنه، ايس يو پي جي ظريت بجاراڻي، پاڪ سر زمين جي بشير احمد ميراڻي، ميونسپل ڪاميٽي ڪائونسلر اڪبر گولو، قوم پرست اڳواڻ رمضان ڊومڪي، مسلم ليگ ن جي عزيز سميجو، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي، جمعيت طلباءِ اسلام جي مولوي عرفان کوسو، آڪاش مصطفيٰ، شاهنواز مرهٽو ۽ گهايل سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ٻئي ڏينهن به جاري آهي.

احتجاج ڪندڙن پل جو هنڌ تبديل ڪرڻ نامنظور نامنظور، ڪنڌ ڪوٽ  جي عوام سان ناانصافي بند ڪيو، ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي پل اصل هنڌ تي تعمير ڪريو، جا نعرا هڻندا رهيا. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڪنڌ ڪوٽ شهر ۽ گهوٽڪي شهر کي ملائڻ جي لاءِ پل تعمير ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي فائدو ملندو ڪنڌ ڪوٽ گهوٽڪي جو فاصلو ختم ٿيندو جيڪو ڪلاڪن جو سفر آهي اهو منٽن ۾ ٿيندو  واپار ۾ به فائدو ملندو جنهن ڪري اسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته هي پل شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو هڪ خواب هو جيڪو اصل هنڌ تي ٺاهي ڪري پورو ڪيو وڃي جيستائين پل جي تعمير جو هنڌ اصل مقام تي نه ٿيندو اسان جو احتجاج جاري رهندو روزاني جي بنياد تي اسين گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هڻنداسين جنهن بعد تحريڪ کي مرحيلوار به هلائينداسين.  ٻئي پاسي علائقي جي بزرگ  ليبر يونين جي اڳواڻ مير هيبت خان باجڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پل جو اصل هنڌ جتي ڪيترائي ڀيرا سروي به ٿي آهي هي پل جو هنڌ تبديل سياسي مفادن جي ڪري ٿي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *