Friday , April 26 2024

ڊاڪٽر فهميده مرزا اوچتو سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون

Fahmida2

بدين ضلعي جي چار تعلقن جي آبادگارن ورلڊ بينڪ جي سهڪارسان آبپاشي کاتي جي 6 ارب روپين جي لاڳت سان واهن جي ري ڊزائننگ جي وسپ پروجيڪٽ تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي سِيڊا چيئرمين کي پڇڙي جي آبادگارن جو چور۽ زراعت لاءِ ڪينسر قرار ڏيئي ڇڏيوقومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ بدين مان چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي صدارت ۾ مورجھر فارم هائوس تي آبادگارن ۽ چونڊيل چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن جي اجلاس ۾ ايم پي اي حَسنين مرزا مير حَسن پنهور عبدالله چنه حَسن قادربليدي حاجي شيرجمالي عبدالجبار ٿيٻو سيدظفر علي شاھ وقعو خاصخيلي حاجي امام بخش جت سڪندر ميمڻ  سيمت اجلاس ۾ شريڪ ٻين چيوته بدين ضلعي جي 5 آبپاشي سب ڊويزنن شادي لارج تلهار ڪڍڻ امام واھ علي واھ ۾ 6 مهينن کان وٺي پاڻي نه ڇڏيوويوآهي جنهن ڪري انهن واھن جي پوڇڙين ۾ ماڻهن وٽ پيئڻ ۽ وُضو ڪرڻ لاءِ به پاڻي نه آهي آبادگار معاشي بدحالي سبب لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبورآهي ڪيترن ئي آبادگارن شهرن جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ پنهنجن ٻارڙن جو اسڪولي فيسون نه هجڻ ڪري ٻارن کي اسڪول ۾ نه ڇڏيوآهي ماڻهو بکون مري رهياآهن پر حڪومت ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نه آهي مورڳو رهيل ٿورو گھڻو پاڻي جيڪو آبڪلياڻي ۾ ملندڙ پاڻي وسپ پرجيڪٽ ذريعي چورائڻ جي هڪ وڏي سازش تيار ڪئي وئي آهي چونڊيل نمائندا انهيءَ مسئلي تي آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي ڏيارين ٻي صورت ۾ هن علائقي ۾ ٿر کان به وڌيڪ سنگين حالتون پيدا ٿينديون انهي موقعي تي ڳالهائيندي ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيوته بدين پاڪستان جو حصوآهي هتي جي ماڻهن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي سپريم ڪورٽ جي مهرباني آهي جو انهن هتي جي پاڻي جو ابياس ڪرايوآهي پاڻي جي کوٽ ته وڏو مسئلوآهي پر هتي عوام کي جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنوپيووڃي اهو انتهائي زهريلوآهي جنهن ڪري هزارين ماڻهوموذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهن هتي هر بلاول ۽ بينظيرهيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلاآهي هتي جي سمورن چونڊيل نمائندن کي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ گھُرجي سکربئراج کي سندس حصي جو پاڻي ملي ٿو پر ڪوٽڙي پئراج تي پاڻي جي بدترين کوٽ رهي ٿي ان تي سنڌجا حڪمران خاموش آهن لاڙ ۾ به اسان جا ٻچا رهن ٿا انهن کي حق وٺي ڏيڻا پوندا هي ماڻهن جي روزگار جو مسئلو آهي هن چيوته مون پاڻ وڃي وسپ پرجيڪٽ تحت ٿيندڙ ڪم جو معائنوڪيو جنهن ڪري ڪيترائي سوال پيداٿيا انهن سوالن جي جوابن لاءِ سيڪريٽري آبپاشي 7 چيئرمين سيڊا کي بريفگ لاءِ هتي گھُريو پر هو هتي نه آيا هن چيوته هو هتي مخصوص بااثر ماڻهن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ غير دائمي فلڊ ڪئنالن کي دائمي ڪري وهايوپيووڃي ۽ هڪ فلڊ ڪئنال جي کاٽي ۽ مرمت لاءِ 35 ڪروڙ رکياوياآهن جڏهن ته علي پور ريگيوليٽرکان هيٺ وهندڙ 5 سب ڊويزنن جي واهن کي 2 کان 3 فٽ دڪا هنياوياآهن جنهن سان سموري علائقي ۾ پاڻي جو بدترين بحران پيدا ٿيندو ڦليلي ڪئنال غيردائمي آهي ان کي دائمي ڪري وهايوپيووڃي جڏهن ته اڪرم واھ جيڪو قديمي دائمي واھ آهي ان کي اڌ غيردائمي بڻايوويوآهي جنهن ڪري سندس ڪمانڊ ايرياجا آبادگار تباهي جو شڪار ٿي وياآهن اهو سب ڪجھ هڪ سازش تحت ڪيوپيووڃي هن چيوته مون قومي اسيمبلي ۾ هن مسئلي تي آواز اٿاريوآهي پر هي صوبائي مسئلوآهي وزيراعلى سنڌ اڄ سنڌ جو ڪيس کڻي اسلام آباد ويوآهي اسان ان ۾ ان سان گڏآهيون ۽ سندس مدد ڪنداسين پر ڇابدين سنڌ ۾ نه آهي بدين کي تباهي کان ڪيربچائيندو ان لاءِ اهم فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي آئون بدين جي سمورن چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن کي چوان ٿي هو ماڻهن ۾ اچن ۽ انهن جا ڏک سور ٻڌن ۽ سندن مسئلا حل ڪن هن چيو ته هن کي وسپ پروجيڪٽ تي سخت خدشاآهن انهن خلاف هو عدالت ۾ ويندي ۽ آباد گارن طرفان هلايل هل چل ۾ هر وقت انهن سان گڏهوندي

About Asghar Azad

Check Also

قمبر ۾ گهر تي حملو، ناري اغوا، نوجوان مرڻينگ

قمبر(رپورٽر  سنڌسماءَچار) قمبر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربند نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا، فائرنگ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *