Friday , April 26 2024

جامي چانڊيو جي حمايت ۾ اٿي بيٺل قبائلي دانشور: سهيل ميمڻ

لطيف سائين جي ميلي تي هر سال ايوارڊ ورهايا ويندا آهن ( اهي ايوارڊ ڏنا نه ويندا آهن )، بلڪل ائين جيئن سال به سال اي پي اين ايس جا صحافتي ايوارڊ ورهائبا آهن. لطيف جي ميلي جا ايوارڊ بهترين ليکڪ، بهترين سگهڙ، بهترين منتظم وغيره جي نالي ۾ سال به سال ورهائبا آهن جن ۾ ڪجهه ايوارڊ ثقافت کاتي جي ملازمن کي به ملندا آهن ۽ اهي  هن سال به مليا آهن. انهن ايوارڊن جي ڏيڻ جو فيصلو به ثقافت کاتي وارا پنهنجي من پسند ڪميٽين کان ڪرائيندا آهن. سو ان ۾ ڪوبه ابهام يا خوش فهمي نه هجڻ گهرجي ته ثقافت کاتي پاران ورهايل ايوارڊ ڪي لطيف تي ڪيل تحقيق جو ثمر هوندا  آهن ۔ جناب جامي چانڊئي صاحب هن سال جيڪو لطيف تي مضمون لکيو آهي اهو چار ڏينهن اڳ واري ڪاوش ۾ ڇپيل آهي. ان ڪالم کي لطيف جي پارکن کي ضرور پڙهڻ گهرجي ته جيئن ان ۾ سائين جن جي تحقيق جو اندازو به ٿي وڃي۔ انکانپوء اهو بحث شروع ٿي ويو آهي ته کيس اهو ايوارڊ  وٺڻ گهرجي ها يا نه ؟. منهنجي گذارش رڳو ايتري آ ته اهي سڀ ايوارڊ هر سال ثقافت کاتي ۽ حڪومت جي راضپي سان ڏنا ويندا آهن ۽ ان ۾ لطيف شناسي جو ڪو به معيار نه ڏٺو ويندو آهي. هن وقت تائين لطيف جي وڏن پارکن، انب  گوپانگ، مٺو مهيري، حفيظ ڪنڀر، محمد خان سولنگي، گدا خاصخيلي مان ڪڏهن به ڪنهن کي ڪو ايوارڊ نه مليو آهي. حافظ محمد بخش خاصخيلي، ميان جي طالب لوهار ۽ ٻين مرحوم لطيفين مان به ڪنهن کي ڪو ايوارڊ ڪونه مليو هو. اهي ايوارڊ هڪ خالص سرڪاري نوازش آهي جنهن کي سرڪاري نوازش ئي سمجهڻ گهرجي. سنڌيڪا اڪيڊمي جي سربراه نور احمد ميمڻ صاحب شاهه لطيف جي عشق جا ڏهه اصول؛ هڪ غير معمولي تحقيقي ڪتاب لکيو آهي انکي به ڪڏهن ثقافت کاتي ايوارڊ لاء ياد نه ڪيو آهي. تنهنڪري جامي چانڊئي مٿان لطيف ايوارڊ جي نوازش سندس ڪنهن تحقيق جو نتيجو نه پر وزير ثقافت سردار شاه جي ويجهڙائي  ۽ نوازش جو نتيجو آهي. ان کانپوء ڳالهه اچي ٿي پ پ سرڪار جي سنڌ ڏانهن روئيي جي. ان لاء عرض اهو آ ته جڏهن ڪو فرد، ادارو يا ملڪ ، پنهنجي پارٽنر يا پاڙيسري سان ڪا زيادتي ڪندو آهي  ته انجو بائيڪاٽ ان لاء ڪيو ويندو آهي ته جيئن انکي اهو احساس ٿئي يا وٽس پيغام پڄي ته سندس زيادتي تي متاثرن کي ڪيترو رنج پهتو آهي. پ پ سرڪار سان سنڌ جي ساڃاه وندن جي ڪاوڙ يا بائيڪاٽ ان تناظر ۾ آهي. سنڌ جي باضمير ماڻهن جي وڏي گهڻائي اهو سمجهي ٿي ته پ پ سرڪار ۽ پارٽيء سنڌ جي ماڻهن جي ووٽ جي تمام گهڻي توهين ڪئي آهي ۽ سنڌ ۾ رشوت، چمچا نوازي ۽ حڪومت نه هجڻ ڪري سنڌ ۽ انجو عوام ڄڻ صديون نه ته به ڏهاڪا پوئتي هليو ويو آهي. ان حالت ۾ سنڌ جي ليکڪن ، شاعرن ۽ شعور وند فردن توڙي ادارن کي پ پ سرڪار جي سمورين ڪارواين ۽ سرگرمين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي ، جيڪو جامي چانڊيو ، مدد سنڌي ۽ ٻيا ليکڪ نه پيا ڪن۔ ان وچ ۾ جامي تي ٿيندڙ تنقيد  تي سندس ڪجهه ذاتي ۽ پراڻا دوست قبائلي جهيڙي وانگي بحث ۾ ڪاهي پيا آهن ۽ اهي سندس هر ڳالهه کي درست سمجهائڻ ۽ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن. منهنجي گذارش آهي  ته اسانکي هن علمي قبائليت پسنديء مان ٻاهر نڪري ڪجهه حقيقت پسنديء ۽ سنڌ پسنديء جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ جنهن به دوست جي جيڪا ڳالهه غلط هجي انکي غلط چوڻ گهرجي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *