Saturday , April 27 2024

سنڌ ۾ موجود ۽ ايندڙ چيني شهرين کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ قانون سازي ڪنداسين: ضياءَ الحسن لنجار

ڪراچي ( رپورٽر     سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ مختلف بئنڪس جي اي ٽي ايم مشينز مان اسڪمنگ ذريعي ڊيٽا چوري ڪرڻ ۽ پئسا ڪڍرائڻ واري اسڪينڊل کانپوءِ سنڌ حڪومت اهم فيصلو ڪندي سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ چيني شهرين  جي رجسٽريشن بابت قانون سازي ڪرڻ جي لاءِ وفاق کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

سنڌ جي قانون جي وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ چيني شهرين جا انگ اکر وفاقي حڪومت وٽ موجود ناهن.جڏهن ته خشڪي رستي پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ چيني شهرين جي رجسٽريشن جي لاءِ وفاق قانون سازي ڪري. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ چيني شهرين جي رجسٽريشن لازم ڪئي وڃي.هن چيو ته وفاق وٽ سموري ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ چينين جا انگ اکر موجود آهن. قانون جي وزير واضح ڪيو ته سنڌ ۾ جيڪو به چيني شهري ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو، ان کي ٿاڻي تي پنهنجي انٽري ڪرائڻي پوندي. هن چيو ته غير رجسٽرڊ چيني شهرين کي صوبائي گهرو وزارت کان اين او سي وٺڻ لازمي هوندي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ صدر جي زينب مارڪيٽ واري علائقي ۾م هڪ نجي بئنڪ مان اسڪمنگ ذريعي اي ٽي ايم مشين مان پئسا ڪڍڻ جي ڪوشش دوران ٻه چيني شهري گرفتار پڻ ٿي چڪا آهن، جن کي بئنڪ عملي شهرين جي مدد سان سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪيو هو، جنهن بعد پوليس قانوني گهرجون پروريون ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي ڄڻن کي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ايف آءِ  اي ٻنهي چيني شهرين کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري سندن رمانڊ پڻ حاصل ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *