Saturday , April 27 2024

تحريڪ انصاف پاران ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي انتظامي ورهاست واري مطالبي جي حمايت تي کتو جواب

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف، متحده پاڪستان جي سنڌ جي انتظامي ورهاست واري مطالبي تي حمايت ڪرڻ واري شرط تي کتو جواب ڏئي ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، متحده جهانگير ترين جي اڳواڻي ۾ متحده اڳواڻن سان ملاقات دوران خالد مقبول صديقي ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار پي ٽي آءِ کان گهر ڪئي ته سندن سنڌ جي انتظامي يونٽن (جنوبي سنڌ صوبو) واري مطالبي جي حمايت ڪئي وڃي، جنهن تي کين کتو جواب ڏنو ويو.

تفصيلي رپورٽ مطابق، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ سربراهه جي انتهائي اعتماد واري دوست جهانگير ترين قومي اسيمبلي ۾ متحده جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ بهادر آباد مرڪز پهتو، جتي هن خالد مقبول صديقي، فاروق ستار ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. جهانگير ترين سان گڏ، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. ان سلسلي ۾ ملاقات دوران اتي موجود پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ سنڌ سماءَچارکي ٻڌايو ته، فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جهانگير ترين کان گهر ڪئي ته، پي ٽي آءِ سندن سنڌ ورهائڻ / جنوبي سنڌ صوبي واري مطالبي جي حمايت ڪن. متحده اڳواڻن پي ٽي آءِ وفد کي چيو ته سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جي حمايت جي شرط تي قومي اسيمبلي ۾ سندن حمايت ڪندا ٻي صورت ۾ حمايت نه ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جهانگير ترين متحده اڳواڻن کي چيو ته پنجاب ۾ صوبي واري گهر جو الڳ معاملو آهي. جنوبي سنڌ واري ڳالهه جي پي ٽي آءِ حمايت نه ڪندي ۽ عمران خان به اهڙي ڪنهن ڳالهه تي اوهان سان ڳالهائڻ کان سختي سان منع ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جهانگير ترين ۽ عارف علوي چيو ته، جيڪڏهن ٻين معاملن يا اوهان جا مطالبا آهن ته انهن تي سنجيدگي سان ڳالهائي سگهجي ٿو. ملاقات ۾ شريڪ اڳواڻ نالي نه لکڻ جي شرط تي وڌيڪ ٻڌايو ته، پي ٽي آءِ جي اهڙي موقف کانپوءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻ ان ڳالهه تان هٿ کڻي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *