Friday , April 26 2024

سراج دراني ۽ ناصر شاهه جي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار سان ملاقات

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي پاران سکر، ميرپور خاص ۾ ڪجهه تڪن تي مدد گهري آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، پ پ پ ڪراچي سميت ڪجهه تڪن تي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ پارٽي قيادت جي هدايت تي گذريل هفتي آغا سراج دراني جي اڳواڻي ۾ پ پ جي ٽن اڳواڻن ايم ڪيو ايم پاڪستان (بهادر آباد) جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي.

سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي، سکر ۽ ميرپورخاص جي مخصوص تڪن تي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، ان سلسلي ۾ پ پ پ جي قيادت ايم ڪيو ايم پاڪستان کان انهن مخصوص تڪن تي مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، اڳوڻي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه ۽ ڄام مدد، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن سان گذريل هفتي ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيا جي نظرن کان بچڻ لاءِ اها ملاقات هڪ وفاقي اداري جي اهم عملدار، جيڪو انهن ٽنهي اڳواڻن جو گڏيل دوست آهي جي گهر تي ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آغا سراج ۽ ناصر شاهه پارٽي قيادت جو پيغام ۽ پ پ پ کي ڪراچي، سکر ۽ ميرپورخاص جي مخصوص تڪن تي جي ڊي اي بدران پيپلز پارٽي جي مدد لاءِ چيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *