Friday , April 26 2024

سعودي عرب جي تاريخ جو پهريون فيشن شو

سعودي فيشن شو- تصوير اي ايف پي جي ٿورن سان

رياض (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عرب ملڪن ۾ فيشن شوز ۽ ڪيٽ واڪ آرگنائيز ڪرائڻ لاءِ قائم ڪيل عرب فيشن ڪونسل ( اي ايف سي) پاران سعودي عرب ۾ تاريخ جو پهريون فيشن شو ڪرايو ويو، جيڪو اڳ رٿيل تاريخ تي ٿي نه سگهيو هو. فيشن شو سعودي عرب جي راڄڌاني شهر رياض جي ايپيڪس سينٽر ۾ ٿيو، جيڪو 26 مارچ تي ٿيڻو هنو، اڻڄاتل ڪارڻن جيڪري ملتوي ڪري 11 اپريل کان  14 اپريل تائين ڪرايو ويو.

سعودي فيشن شو- تصوير اي ايف پي جي ٿورن سان

چئن ڏينهن واري هن فيشن شو ۾ نه رڳو سعجودي عرب جي مقامي فيشن ڊزائينرز پر ٻين عرب ملڪن کانسواءِ، پيرس، لنڊن، اٽلي سميت مختلف ملڪن عورت فيشن ڊزائينرز وڏي پئماني تي شريڪ ٿيون.پرڏيهي خابرو اداري ” اي پي “ پاران جاري ڪيل خبرن موجب  سعودي فيشن ويڪ ۾ وچ اوڀر وارن ملڪن جي جڳ مشهور فيشن ڊزائينرز سميت، برازيل، آمريڪا ۽ روس جي فيشن ڊزائينرز شرڪت ڪئي. پرڏيهي خابرو ايجنسي اي پي موجب فيشن شوز ۾ جديد ترين ويس وڳن جا نوان نمونا نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا.

سعودي فيشن شو- تصوير اي ايف پي جي ٿورن سان

فيشن ويڪ دوران ڪيٽ واڪ جا به ڪيترائي سيشنز ٿيا، جن دوران ريمپ تي رڳو عورتن کي ئي واڪ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي ۽ ويس وڳا به رڳو عورتن جا ئي رکيا ويا هئا. فيشن شو ۾ مردن کي شرڪت جي اجازت نه هئي ۽ رڳو عورتون شريڪ ٿيون. سعودي عرب ۾ ٻيو فيشن شو هلندڙ سال آڪٽوبر مهيني دوران رٿيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *