Tuesday , March 19 2024

يوٽرن نه وٺندڙن کي ليڊر نه ٿو مڃان: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌ سماءَ چار) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪي ليڊر يوٽرن نه ٿا وٺن، اهي ليڊر ئي ناهن، هٽلر  ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي وڏو نقصان ڪيو، احتساب قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪنداسين، مني لانڊرنگ خلاف هلندڙ مهم ڪامياب ٿي رهي آهي.شهبازشريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ قوم سان مذاق هوندو. اسلام آباد ۾ سينير صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين جي دوري جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، هي دورو جيترو ڪامياب ٿيو، اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي. چين هر قسم جي امداد ڏئي رهيو آهي،اسان  مطئمن آهيون. هن چيو ته جيڪي ليڊر يوٽرن نه ٿا وٺن، اهي ليڊر ئي ناهن، هٽلر  ۽ نپولين يوٽرن نه وٺي وڏو نقصان ڪيو، نوازشريف يوٽرن نه ورتو ۽ ڪوڙ ڳالهايو.  هن چيو ته لٽيل دولت جي واپسي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، دبئي ۾ پاڪستان جي 15 ارب ڊالر موجود هئڻ جي خبر پئي آهي. برطانيا ۽ سوئيزر ليڊ سان به معاهدو ٿي چڪو آهي، معاهدن سان لٽيل دولت واپس ايندي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته احتساب قانون ۾ ترميم جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي عمل ڪنداسين. عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ خلاف هلندڙ مهم ڪامياب ٿي رهي آهي،  سعودي عرب کان به وڏو پيڪيج ملڻو  آهي. وزيراعظم چيو ته چين کان وڏو پئڪيج مليو آهي، جيڪو اڄ تائين ڪنهن کي ناهي ڏنو ويو، پيڪيج جا تفصيل جاري نه ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرپشن جي ڪيسز کي منهن ڏيندڙ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين نه ٿو بڻجي سگهجي، جڏهن ته شهبازشريف کي پي اي سي جي چيئرمين بڻائڻ قوم سان مذاق هوندو.  عمران خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي مڪمل عملدرآمد ڪرائينداسين.

غير قانوني قدم، اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جو وارو اچي ويو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *