Thursday , April 25 2024

غير قانوني قدم، اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم جو وارو اچي ويو

ڪراچي(رپورٽ:اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت مخالف سياستدانن خلاف ڪرپشن ۽ غير قانوني قدمن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، اينٽي ڪرپشن پاران اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم پاران ڪورنگي ۾ الاٽ ڪيل اڍائي سئو ايڪڙ زمين کي غير قانوني طريقي سان الاٽمينٽ ڪرڻ جو الزام هڻدي جاچ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ 2004 ۾ 250 ايڪڙ زمين جي غير قانوني الاٽمينٽ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، اينٽي ڪرپشن عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ الاٽ ڪيل زمين مان پي ٽي آءِ اڳواڻ  جهانگير ترين ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم فائدو حاصل ڪيو.

اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب پرويز مشرف جي دور ۾  ڪورنگي ۾ اين آءِ پي ڪمپني کي زمين الاٽ ڪئي وئي ۽ ڪمپني جو سي اي او جهانگير ترين جو ويجهو دوست هو. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب ڪورنگي ۾ الاٽ ڪيل زمين جي ماليت اڍائي ارب رپيا هئي، جيڪا غير قانوني طور الاٽ ڪئي وئي. اينٽي ڪرپشن عملدارن موجب ريٽ ڪميٽي سان زمين جي ماليت جو اندازو ۽ اجازت نه ورتي وئي ۽ الاٽ ڪيل زمين 14 سالن کان بيڪار پيل آهي. اينٽي ڪرپشن عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جهانگير ترين تي انڊسٽريل پارڪ جي منصوبي ۾ ڪرپشن جو الزام آهي  ۽ چيو ويو ته انڊسٽريل پارڪ جو افتتاح ملائيشيا جو وزير اعظم ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *