Saturday , April 27 2024

ننڍي چونڊ:لاهور کانپوءِ پشاور ۾ پي ٽي آءِ کي سياسي ناڪامي

پشاور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف کي ننڍي چونڊ ۾ لاهور کانپوءِ پشاور ۾ سياسي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پئي ويو آهي، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي صوبائي تڪ پي ڪي 71 تي سخت مقبالي کانپوءِ اي اين پي ميدان ماري ورتو آهي، غير حتمي نتيجن مطابق، پي ٽي آءِ کي پشاور ۾ ناڪامي ڏسڻي پئجي وئي آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 71 پشاور تي ٿيل ننڍي چونڊ ۾، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق، عوامي نيشنل پارٽي جو اميدوار صلاح الدين يارنهن هزار 224 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. غير حتمي نتيجن مطابق، وفاق ۽ ڪي پي جي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جو اميدوار هارائي ويو آهي، پي ٽي آءِ اميدوار ذوالفقار علي خان 9755 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ذوالفقار علي خان ڪي پي جي گورنر شاهه فرمان جو ڀاءُ آهي ۽ شاهه فرمان گذريل عام چونڊن ۾ ان تڪ تان ڪامياب ٿيو هو. شاهه فرمان گورنر ٿيڻ تي اها سيٽ خالي ڪئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *