Tuesday , March 19 2024

سکر ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو دهشتگرد مارجي ويو، 2 دهشتگرد ڀڄي ويا

CTD Umer Shahid 1

سکر ۾ سي ٽي ڊي پوليس سان مقابلي ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا، ايس پي سي ٽي ڊي موجب مارجي ويل دهشتگرد لشڪر جهنگوي جي نعيم بخاري گروپ جو سرگرم اڳواڻ ۽ سنڌ جو ڪمانڊر هو، ثناءُ الله عباسي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪامران ڀٽي پنجاب جي کاريان واري علائقي جو رهواسي ۽ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گهربل هو.

ايس ايس پي سي ٽي ڊي ڪراچي عمر شاهد ۽ ايس پي سي ٽي ڊي سکر عرفان سمون  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل رات شڪارپور روڊ تي چيڪنگ دوران پوليس اهلڪارن موٽرسائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني.

هنن چيو ته پوليس اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ دهشتگرد ڪامران ڀٽي مارجي ويو ۽ سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا.

عمر شاهد چيو ته دهشتگرد ڪامران ڀٽي قوال امجد صابري جي قتل سميت ڪراچي ايئرپورٽ ۽ مهراڻ بيس تي حملن ۾ ملوث هو.

هن چيو ته  سنڌ ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي سبب ڪامران ڀٽي بلوچستان جي علائقي وڍ فرار ٿي ويو هو.

ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءُ الله عباسي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڪامران ڀٽي جا پنج ڀائر هيا، جن مان 4 مختلف مقابلن ۾ مارجي چڪا آهن.

CTD sukkur

ثناءُ الله عباسي موجب ڪامران ڀٽي جو هڪ ڀاءُ پنجاب ۾ موجود آهي، جيڪو چوپائي مال جو واپاري آهي، سندس هڪ ڀاءُ عمران 2013ع ۾ ڪراچي ۾ پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو هو، جڏهن ته سندس ٽيون ڀاءُ جيڪو پڻ دهشتگرد هو 2001 ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.

ثناءُ الله عباسي جو چوڻ هو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪامران ڀٽيءُ جو هڪ ڀاءُ شاڪر 2001 ۾ افغانستان ۾ مارجي ويو هو، جڏهن ته سندن پيءُ نيويءَ ۾ ملازم هو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *