Monday , April 29 2024

ڇا هڪ رٽائرڊ جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪري سگهجي ٿو؟ مدي ۾ واڌ بعد به رٽائرڊ جنرل آرمي چيف سڏائيندو؟ سپريم ڪورٽ

10سالن تائين جنرل مدي ۾ واڌ وٺندا رهيا ۽ ڪنهن سوال به نه ڪيو؟چيف جسٽس

آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم جو صوابديد اختيار آهي، سوال چيف جو آهي، جنرل قوم جو ملازم هوندو آهي: جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد(خاص نمائندو/مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته، هي قانون جي عدالت آهي، جنهن آڏو شخصيتن جي اهميت نه آهي، آرمي چيف جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ کانپوءِ به ڇا رٽائرڊ جنرل آرمي چيف سڏائي سگهي ٿو؟ ماضي ۾ 10سالن تائين 5/6 جنرل ملازمت جي مدي ۾ واڌ وٺندا رهيا ۽ ڪنهن پڇيو ئي ڪو نه؟ اهي سوال سپريم ڪورٽ ۾ آمري چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ڪيا آهن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي مشتمل بئنچ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ملازمت واري مدي ۾ ٽن سالن جي واڌ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. آرمي چيف پاران اڳوڻي وفاقي وزير فروغ نسيم ۽ وفاقي حڪومت پاران اٽارني جنرل آف پاڪستان انور منصور خان پيش ٿيا. چيف جسٽس چيو ته، رول 255 آرمي جي رٽائرڊ آفيسرز جي معاملن بابت آهي؛ اهو آرٽيڪل آرمي چيف کي ڊيل نه ٿو ڪري، آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت قانون بابت ٻڌايو، جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اڄ به ملٽري رولز ريگيوليشن جو مسودو ناهي ڏنو، جيڪي صفحا ڏنا آهن انهن ۾ ته فوجي آفيسرن خلاف رٽائرمينٽ کانپوءِ  ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ جا تفصيل ڏنل آهي.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا رمارڪس ڏيندي چيو ته، آرمي چيف جي مقرري يا ان جي مدي ۾ واڌ بابت تفصيل پيش ناهن ڪيا ويا، عدالت جن غلطين جي نشاندگي ڪئي ڪابينا به انهن کي تسليم ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن جنگ هلندڙ هجي ته پوءِ آرمي چيف جي رٽائرمينٽ ۾ عارضي وقت لاءِ ڪجهه وقت جي دير ڪري سگهجي ٿي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته، ليفٽيننٽ جنرل چئن سالن کانپوءِ رٽائر ٿيندو آهي، پر هتي ته آرمي چيف جي رٽائرمينٽ جو ڪو ذڪر ئي ناهي ٿيل، چيف جسٽس هڪ موقعي تي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته، اوهان اڄ جيڪو ترميم ٿيل نوٽيفڪيشن کڻي آيا آهيواُهو ته آرمي چيف جي بابت آهي ئي ڪو نه؛ اسان کي اڃا تائين هي اسڪيم سمجهه نه آئي  آهي ۽ اوهان به سمجهائي نه سگهيا آهيو ته مدي ۾ واڌ ڪهڙن رولز تحت ٿي آهي، ڏسجي ته هي بحث ڪيستائين ٿو هلي، اڃا تائين ته ڪيس کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اٽارني جنرل انور منصور خان دليل ڏيندي چيو ته، قانون کي ايترو سخت نه هجڻ گهرجي جو ان ۾ ڪا لچڪ ئي نه هجي، مان ايڪٽوسروس رولز جي سيڪشن 2 بابت تفصيل پيش ڪيان ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته، اوهان رولز ٻڌايو پر جيڪڏهن ڪجهه غلط نڪتو ته پوءِ اسان فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين. اٽارني جنرل چيو ته مقررين بابت ڪجهه ٻيا مٿال به عدالت آڏو پيش ڪندس، جنهن دوپران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته، اسان جي سامهون سوال چيف جو آهي جنرل جو نه، جنرل قوم جمو ملازم هوندو آهي. جسٽس منصور علي شاهه اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته، ڇا هڪ رٽائرڊ جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪري سگهجي ٿو؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته، مناسب اهو آهي ته موجوده ڪيس بابت ئي سوال ڪيا وڃن، مان فوج جي قانون کي پڙهي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *