Friday , April 26 2024

ڪورنا وائرس پنج هزار حياتيون ڳڙڪائي ويو، اڪثر ملڪن جون سرحدون بند

آمريڪي رياست اوهايو ۾ هڪ لک ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ وٺجي ويا

ورنا وائرس پنج هزار حياتيون ڳڙڪائي ويو، اڪثر ملڪن جون سرحدون بند

ڪراچي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين جي شهر ووهان کان پکڙيل ڪورونا وائرس دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ 5 هزارن کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو آهي، ڪورونا جي وڌيڪ پکڙجڻ کان بچڻ لاءِ ڪيترنن ئي ملڪن هڪٻئي سان ملندڙ سرحدون ۽ هوائي رابطا مڪمل طور بند ڪري ڇڏيا آهن. چين کانپوءِ، سعودي عرب، آمريڪا، اٽلي، جرمني، برطانيا، ايران، عراق، يو اي اي، مصر پاڪستان، انڊيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي، ڪورونا سبب هن وقت تائين پنج هزار 300 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار بڻجي چڪا آهن.

ميڊيا رپورٽس مطابق، هڪ لک 20 هزارن کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، جيڪو انگ خطرناڪ انداز ۾ وڌي رهيو آهي. ڪرونا وائرس جي نتيجي ۾ چين کانپوءِ اٽلي وڌيڪ متاثر ٿيو آحي، جتي گذريل 36 ڪلاڪن ( 13 کان 14 مارچ ) دوران 260 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آحن، اسپتالن ۾ داخل ماڻهن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اسپين ۾ هن وقت تائين 3هزارن کان وڏيڪ ماڻهون وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ ۽ ماڻهن جي فوتگين ۾ واڌ کانپوءِ يورپ جي اڪثر ملڪن ۾ سرحدون بند ڪري، هڪٻئي ڏانهن زميني توڙي هوائي سفر به مڪمل بند ڪري ڇڏيو آهي، يورپي ملڪن ۾ عام اجتماعن، غير ضروري طور ميل ملاقات، مارڪيٽس وڃڻ تي به پابندي هنئين وئي آهي. آمريڪي رياست اوهايو ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪرونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جا 27 کان وڌيڪ مريض هجڻ جي خبر سنڌسماءَچار 10 مارچ تي بريڪ ڪري چڪي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *