Friday , April 26 2024

ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي شهيد رپورٽر عزيز ميمڻ کي منصوبابندي تحت ڪرڻ جو انڪشاف

شهيد عزيز ميمڻ کي قتل ڪرڻ کان 2 ڏينهن اڳ قتل جي ريهرسل ڪئي وئي:جي آءِ ٽي سربراهه

نوابشاهه( خاص نمائندو  سنڌ سماءَچار) ٽي مهينا اڳ محرابپور ۾ ڪجهه مهينا اڳ شهيد ڪيل ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي عزيز ميمڻ کي مڪمل منصوبابندي سان قتل ڪري آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي سازش سٽڻ جو انڪشاف، عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته قتل ۾ ملوث 3 جوابدار گرفتار ڪيا آهن، مفرور ٿيل 5 جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. محرابپور ڀرسان ٽي مهينا اڳ ڪي ٽي جي  جي رپورٽر عزيز ميمڻ جي  هٿ آيل لاش جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه غلام نبي ميمڻ نوابشاهه ۾ پريس ڪان فرنس ڪندي چيو ته، شهيد عزيز ميمڻ جي قتل ۾ 8 جوابدار نذير سهتو، فرحان عرف ڪارو ۽ امير عرف اميرو سهتو، مشتاق سهتو، سميت 8 جوابدار ملوث آهن، مشتاق سهتو قتل جو ماسٽر مائينڊ آهي، جيڪو مفرور آهي. غلام نبي ميمڻ چيو ته، نذير سهتو، فرحان عرف ڪارو ۽ امير عرف اميرو سهتو کي گرفتار ڪيو آهي، جن کي ڪنڊياري جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري جسماني رمانڊ ورتو ويو آهي، جوابدار نذير سهتو شهيد عزيز ميمڻ جي قتل جو اعتراف به ڪيو آهي. هن چيو ته شهيد جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ۽ ماسٽر مائينڊ مشتاق سهتو آهي ان سميت 5جوابدار ڀڳل آهن جن کي جلد قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته ڊي اين اي شهيد جي نَنهَنِ مان مليل ٻئي انساني جسم جي جزن جي ملڻ بعد ڪرايل 90 کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊي اين ٽيسٽ مان جزن جوابدار نذير سهتو جي جزن سان مئچ ڪري ويا، جوابدار جي ويجهن مائٽن جي به ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي هئي. ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته جاچ دوران شهيد جي وارثن ۽ سندس ٻين مائٽن جي آءِ ٽي جو ڀرپور ساٿ ڏنو.

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *