Friday , April 26 2024

چئن سالن بعد آدمشماري جا انگ اکر جاري، سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي وڌي وئي

اسلام آباد ( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس/شماريات کاتي ملڪ ۾ 3 سال اڳ ڪرايل آدمشماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، شماريات بيورو موجب ملڪ جي مجموعي آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 80 هزار 626 آهي، سنڌ صوبي جي مجموعي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894 ڏيکاري وئي آهي، ملڪي آبادي ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ عورتن عورتن جو آبادي وڌيڪ آهي، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کان وڌيڪ شهري آبادي ڏيکاري وئي آهي. وفاقي حڪومت جي پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس 2017 دوران ڪرايل آدمشماري جا حتمي نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي سنڌ حڪومت جي اعتراضن باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري بعد جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس پاران جاري ڪيل آبادي جي انگن اکرن ۾ سنڌ جي مجموعي آبادي ۾ ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهري آبادي وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي، انگن اکرن مطابق سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510  آحي، جنهن ۾ ڪراچي ڊُيزن جي سمورن ضلعن جي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894 ڏيکاري وئي آهي. پنجاب جي آبادي 10 ڪروڙ 88 لک 89 هزار 655 فردن تي مشتمل ڏيکاري وئي آهي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس چئن سالن کانپوءِ آدمشماري جا حتمي انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. گڏيل مفادن واري ڪائونسل گذريل مهيني 12 اپريل تي ڇهين آدمشماري جا انگ اکر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.ملڪ جي ڪل آبادي ۾ مردن جو تعداد ڏهه ڪروڙ سٺ لک 18 هزار 220 آهي، ملڪي آبادي ۾ 10 ڪروڙ 13 لک 44 هزار 632 عورتون، خواجا سرا فقيرن جو انگ 21 هزار 220 به شامل آهن. ملڪ جي آبادي جي مجموعي آبادي مان ٻهراڙين جي آبادي 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 ڏيکاري وئي آهي ۽ شهري آبادي 7 ڪروڙ 70 لک 837 هزار آهي، جيڪا 1998ع جي ڀيٽ ۾ 2017ع ۾ آبادي ۾ واڌ جي سالياني شرح 2.40 سيڪڙو شهري علائقن ۾ 3.01 ۽ ٻهراڙين ۾ 2.07 سيڪڙو جي تناسب سان آهي. پاڪستان ۾ سراسري طور هر گهر ۾ 6.39 ڀاتين جي رهائش ڏيکاري وئي آهي. پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس پاران آدمشماري جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ پنجاب جي 10 ڪروڙ 88 لک 89 هزار 655، سنڌ صوبي جي مجموعي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ماڻهن تي مشتمل آهي، اهڙي طرح ڪي پي جي آبادي 3 ڪروڙ 5 لک 8 هزار 920 ۽ بلوچستان جي هڪ ڪروڙ 23 لک 35 هزار 129 ماڻهن تي مشتمل آهي.

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس جي انگن اکرن مطابق سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ڊويزن جي مجموعي آبادي هڪ ڪروڙ 60 لک 24 هزار 894 ڄاڻائي وئي، جنهن ۾ ڪراچي سينٽرل ضلعي جي 29 لک 71 هزار 382، ڪراچي اوڀر 28 لک 75 هزار 315، ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي مجموعي آبادي 17 لک 69 هزار 230 ڏيکاري وئي آهي، اهڙي نموني ڪراچي اولهه جي 39 لک 7 هزار 65، ضلعي ڪورنگي جي 25 لک 77 هزار 556 ۽ ضلعي ملير جي 19 لک 24 هزار 346 آهي. حيدرآباد ضلعي جي آبادي 21 لک 99 هزار 928، سکر ضلعي جي آبادي 14 لک 88 هزار 372، لاڙڪاڻي ضلعي جي 15 لک 21 هزار 786 آهي.

پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي آبادي هڪ ڪروڙ 11 لک 19 هزار 985 فيصل آباد 78 ڪل 82 هزار 444، راولپنڊي جي 54 لک 2 هزار 380، گجرانوالا جي 50 لک 11 هزار 66 ماڻهن تي مشتمل آهي. سيالڪوٽ جي 38 لک 94 هزار 938، رحيم يار خان جي 48 لک 7 هزار 762، سرگوڌا ۾ 36 لک 96 هزار 212 ماڻهو آباد آهن،  ملتان ضلعي جي آبادي 47 لک 46 هزار 166 ماڻهن ت ي مشتمل ڄاڻائي وئي آهي،

خيبرپختون خوا ۾ پشاور جي آبادي 42 لک 67 هزار 198، مردان ضلعي جي 23 لک 73 هزار 399، سوات جي 23 لک 8 هزار 624، ڊيرا اسماعيل خان جي 16 لک 25 هزار 88، نوشهره جي 15 لک 20 هزار 995 فرد آباد آهين.

بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا جي آبادي 22 لک 69 هزار 473 ۽ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي آبادي 20 لک 3 هزار 368 آهي. فاٽا جي آبادي ڌار ڄاڻائي وئي آهي جنهن موجب سمورن ضلعن جي ڪل آبادي 49 لک 93 هزار 44 آهي.

پاڪستان بيورو آف اسٽيٽيسٽڪس جي انگن اکرن موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي آباد ۾ واڌ جي شرح سڀني کان وڌيڪ 4.9 سيڪڙو آهي ۽ انجي ٻهراڙين ۾ آبادي جي واڌ جي شرح 6.96 سيڪڙو، پنجاب ۾ واڌ جي شرح 2.13 سيڪڙو، سنڌ ۾ 2.41 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 2.89، بلوچستان ۾ 3.37 ۽ فاٽا ۾ 2.40 سيڪڙو آهي. شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگرن اکرن موجب ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرين ۾ آبادي وڌيڪ ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي ملڪ ۾ شهرن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙين ۾ رهندڙن جو انگ اٽڪل 100 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن موجب پاڪستان جي مجموعي طور تي .4436 سيڪڙو آبادي يا 7 ڪروڙ 56 لک 70 هزار 837 فرد شهرن ۽ 63.56 سيڪڙو يا 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 فرد بهراڙين ۾ رهندا آهن. پنجاب ۾ 63.14سيڪڙو يا 6 ڪروڙ 94 لک 42 هزار 450 فرد ٻهراڙين۽ 36.86 سيڪڙو يا 4 ڪروڙ 5 لک 47 هزار 205 فرد شهرن ۾ رهندا آهن. سنڌ ۾ 51.89 سيڪڙو آبادي يا 2 ڪروڙ 48 لک 32 هزار 634 فرد شهرن ۾ ۽ 48.11 سيڪڙو يا 2 ڪروڙ 30 لک 21 هزار 876 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن. 1998ع جي آدمشماري موجب هڪ ڪروڙ 56 لک 31 فرد ٻهراڙين ۽ هڪ ڪروڙ 48 لک 30 هزار 862 فرد شهرن ۾ رهندا هئا ان وقت سنڌ جي آبادي 3 ڪروڙ 4 لک 39 هزار 893 ڄاڻائي وئي هئي. بلوچستان ۾ 27.62سيڪڙو يا 34 لک 6 هزار 701 فرد شهرن ۽ 72.38 سيڪڙو يا 89 لک 28 هزار 428 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن. خيبر پختون خوا جي 18.80 سيڪڙو يا 57 لک 35 هزار 428 آبادي شهرن ۽ 82.20 سيڪڙو يا 2 ڪروڙ 47 لک 73 هزار 492 آبادي ٻهراڙين ۾ رهندي آهي. فاٽا ۾ 2.80 سيڪڙو يا هڪ لک 39 هزار 886 آبادي شهرن ۽ 97.20 سيڪڙو يا 48 لک 53 هزار 178 آبادي ٻهراڙين، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 50.37 سيڪڙو يا 10 لک 9 هزار 3 فرد شهرن ۽ 49.63 سيڪڙو يا 9 لک 94 هزار 365 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن. ملڪ جي ڪل آبادي 20 ڪروڙ 76 لک 84 هزار 626 مان 36.44 سيڪڙو يا 7 ڪروڙ 56 لک 70 هزار 837 فرد شهرن ۾ ۽ 63.56 سيڪڙو يا وري 13 ڪروڙ 20 لک 13 هزار 789 فرد ٻهراڙين ۾ رهندا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *